The Quran in Sindhi - Surah Humazah translated into Sindhi, Surah Al-Humazah in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Humazah in Sindhi - السندية, Verses 9 - Surah Number 104 - Page 601.

| وَيْلٌ لِّكُلِّ هُمَزَةٍ لُّمَزَةٍ (1) (انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي |
| الَّذِي جَمَعَ مَالًا وَعَدَّدَهُ (2) جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين |
| يَحْسَبُ أَنَّ مَالَهُ أَخْلَدَهُ (3) ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو |
| كَلَّا ۖ لَيُنبَذَنَّ فِي الْحُطَمَةِ (4) ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس |
| وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْحُطَمَةُ (5) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟ |
| نَارُ اللَّهِ الْمُوقَدَةُ (6) الله جي ٻاريل باھ آھي |
| الَّتِي تَطَّلِعُ عَلَى الْأَفْئِدَةِ (7) جا دلين تي پھچندي |
| إِنَّهَا عَلَيْهِم مُّؤْصَدَةٌ (8) بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي |
| فِي عَمَدٍ مُّمَدَّدَةٍ (9) (جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا) |