The Quran in Sindhi - Surah Maun translated into Sindhi, Surah Al-Maun in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Maun in Sindhi - السندية, Verses 7 - Surah Number 107 - Page 602.

| أَرَأَيْتَ الَّذِي يُكَذِّبُ بِالدِّينِ (1) (اي پيغمبر) انھي کي ڏٺيءِ ڇا جيڪو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙ ڀانئيندو آھي |
| فَذَٰلِكَ الَّذِي يَدُعُّ الْيَتِيمَ (2) پوءِ اُھو آھي جو ڇوري ٻار کي ڌِڪيندو آھي |
| وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ (3) ۽ (ڪنھن کي) مسڪين جي کارائڻ تي رغبت نه ڏياريندو آھي |
| فَوَيْلٌ لِّلْمُصَلِّينَ (4) پوءِ انھن نمازين لاءِ وَيل آھي |
| الَّذِينَ هُمْ عَن صَلَاتِهِمْ سَاهُونَ (5) جي پنھنجين نمازن کان ويسلا رھندا آھن |
| الَّذِينَ هُمْ يُرَاءُونَ (6) اُھي جيڪي رياءُ ڪندا آھن |
| وَيَمْنَعُونَ الْمَاعُونَ (7) ۽ اُڌاريون شيون جھليندا آھن |