×

Surah At-Taghabun in Sindhi

Quran Sindhi ⮕ Surah Taghabun

Translation of the Meanings of Surah Taghabun in Sindhi - السندية

The Quran in Sindhi - Surah Taghabun translated into Sindhi, Surah At-Taghabun in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Taghabun in Sindhi - السندية, Verses 18 - Surah Number 64 - Page 556.

بسم الله الرحمن الرحيم

يُسَبِّحُ لِلَّهِ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۖ لَهُ الْمُلْكُ وَلَهُ الْحَمْدُ ۖ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ (1)
جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله جي پاڪائي بيان ڪندو آھي، سندس ئي بادشاھي آھي ۽ سنديس ئي ساراھ آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي
هُوَ الَّذِي خَلَقَكُمْ فَمِنكُمْ كَافِرٌ وَمِنكُم مُّؤْمِنٌ ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ (2)
(الله) اھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ اوھان مان ڪو ڪافر ۽ اوھان مان ڪو مؤمن آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي
خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ بِالْحَقِّ وَصَوَّرَكُمْ فَأَحْسَنَ صُوَرَكُمْ ۖ وَإِلَيْهِ الْمَصِيرُ (3)
آسمانن ۽ زمين کي پوريءَ رِٿ سان بڻايائين ۽ اوھانکي صُورت ڏنائين پوءِ اوھان جون صُورتون تمام چڱيون بڻايائين ۽ ڏانھس موٽڻ آھي
يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ ۚ وَاللَّهُ عَلِيمٌ بِذَاتِ الصُّدُورِ (4)
جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو (اُھو) ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي، ۽ الله سينن جو ڳجھ ڄاڻندڙ آھي
أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَبَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِن قَبْلُ فَذَاقُوا وَبَالَ أَمْرِهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ (5)
(ھن کان) اڳ جيڪي ڪافر ھئا تن جي اوھان وٽ خبر نه آئي آھي ڇا؟ پوءِ پنھنجي ڪئي جي سزا چکيائون ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُ كَانَت تَّأْتِيهِمْ رُسُلُهُم بِالْبَيِّنَاتِ فَقَالُوا أَبَشَرٌ يَهْدُونَنَا فَكَفَرُوا وَتَوَلَّوا ۚ وَّاسْتَغْنَى اللَّهُ ۚ وَاللَّهُ غَنِيٌّ حَمِيدٌ (6)
اِھو (عذاب) ھِن ڪري آھي جو سندن پيغمبر (چِٽن) مُعجزن سان وٽن ايندا ھئا ته چوندا ھوا ته اسان کي (اسان جھڙا) ماڻھو (سڌو) رستو ڏيکاريندا ڇا، پوءِ انڪار ڪيائون ۽ منھن ڦيرايائون ۽ الله (به) بي پرواھي ڪئي، ۽ الله بي پرواھ ساراھيل آھي
زَعَمَ الَّذِينَ كَفَرُوا أَن لَّن يُبْعَثُوا ۚ قُلْ بَلَىٰ وَرَبِّي لَتُبْعَثُنَّ ثُمَّ لَتُنَبَّؤُنَّ بِمَا عَمِلْتُمْ ۚ وَذَٰلِكَ عَلَى اللَّهِ يَسِيرٌ (7)
ڪافر ڀائيندا آھن ته (قبرن مان) کين ڪڏھن نه اُٿاربو، (کين) چؤ ته ھائو! منھنجي پالڻھار جو قسم ته (اوھين) ضرور اُٿاربؤ وري جيڪي ڪندا ھئو تنھن جي اوھان کي ضرور سُڌ ڏبي، ۽ اھو (ڪم) الله کي آسان آھي
فَآمِنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ وَالنُّورِ الَّذِي أَنزَلْنَا ۚ وَاللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ خَبِيرٌ (8)
تنھنڪري الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آڻيو ۽ اُنھيءَ نُور (قرآن) تي به جيڪو نازل ڪيوسون، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن جي الله خبر رکندڙ آھي
يَوْمَ يَجْمَعُكُمْ لِيَوْمِ الْجَمْعِ ۖ ذَٰلِكَ يَوْمُ التَّغَابُنِ ۗ وَمَن يُؤْمِن بِاللَّهِ وَيَعْمَلْ صَالِحًا يُكَفِّرْ عَنْهُ سَيِّئَاتِهِ وَيُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ خَالِدِينَ فِيهَا أَبَدًا ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ (9)
جنھن مھل اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ گڏ ڪندو اُھو ڏينھن ھارجڻ ۽ کٽجڻ جو آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ۽ چڱا ڪم ڪندو تنھن کان سندس مدايون الله ميٽيندو ۽ اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن اُتي سدائين رھندا، اُھا وڏي مراد ماڻڻ آھي
وَالَّذِينَ كَفَرُوا وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ خَالِدِينَ فِيهَا ۖ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ (10)
۽ جن ڪُفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڄاتو اھي دوزخي آھن اُن ۾ سدائين رھندا، ۽ (اُھو) ھنڌ بڇڙو آھي
مَا أَصَابَ مِن مُّصِيبَةٍ إِلَّا بِإِذْنِ اللَّهِ ۗ وَمَن يُؤْمِن بِاللَّهِ يَهْدِ قَلْبَهُ ۚ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ (11)
الله جي حُڪم کانسواءِ ڪابه مصيبت نه پھچندي آھي، ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو تنھن جي دل کي (اُھو) ھدايت ڪندو، ۽ الله ھر شيءَ کي ڄاڻندڙ آھي
وَأَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ ۚ فَإِن تَوَلَّيْتُمْ فَإِنَّمَا عَلَىٰ رَسُولِنَا الْبَلَاغُ الْمُبِينُ (12)
۽ الله جو چيو مڃيو ۽ پيغمبر جو چيو مڃيو، پوءِ جيڪڏھن مُنھن موڙيندؤ ته اسان جي پيغمبر تي رڳو پڌرو پيغام پھچائڻ آھي
اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَلْيَتَوَكَّلِ الْمُؤْمِنُونَ (13)
الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي، ۽ مؤمنن کي جڳائي ته الله تي (ئي) ڀروسو ڪن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا إِنَّ مِنْ أَزْوَاجِكُمْ وَأَوْلَادِكُمْ عَدُوًّا لَّكُمْ فَاحْذَرُوهُمْ ۚ وَإِن تَعْفُوا وَتَصْفَحُوا وَتَغْفِرُوا فَإِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ (14)
اي ايمان وارؤ بيشڪ ڪي اوھان جون زالون ۽ ڪي اوھان جو اولاد اوھان جو دشمن آھي تنھنڪري انھن کان حذر ڪريو، ۽ جيڪڏھن معافي ڪريو ۽ ٽارو ڪريو ۽ بخشيو ته بيشڪ الله (به) بخشڻھار مھربان آھي
إِنَّمَا أَمْوَالُكُمْ وَأَوْلَادُكُمْ فِتْنَةٌ ۚ وَاللَّهُ عِندَهُ أَجْرٌ عَظِيمٌ (15)
اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پرک آھن، ۽ الله ئي وٽ وڏو اجر آھي
فَاتَّقُوا اللَّهَ مَا اسْتَطَعْتُمْ وَاسْمَعُوا وَأَطِيعُوا وَأَنفِقُوا خَيْرًا لِّأَنفُسِكُمْ ۗ وَمَن يُوقَ شُحَّ نَفْسِهِ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْمُفْلِحُونَ (16)
تنھنڪري جيترو ٿي سگھيوَ اوترو الله کان ڊڄو ۽ (الله جو حُڪم) ٻڌو ۽ چيو مڃيو ۽ خرچ ڪريو ته اوھان جي جِندن لاءِ چڱو آھي، ۽ جيڪي پنھنجي نفس جي حرص کان بچايا ويا سي ئي ڇُٽڻ وارا آھن
إِن تُقْرِضُوا اللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا يُضَاعِفْهُ لَكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ۚ وَاللَّهُ شَكُورٌ حَلِيمٌ (17)
جيڪڏھن الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيندؤ ته (الله) اوھان کي اُھو (قرض) ٻيڻون (ورائي ڏيندو) ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله قدردان بردبار آھي
عَالِمُ الْغَيْبِ وَالشَّهَادَةِ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ (18)
ڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ غالب حڪمت وارو آھي
❮ Previous Next ❯

Surahs from Quran :

1- Fatiha2- Baqarah
3- Al Imran4- Nisa
5- Maidah6- Anam
7- Araf8- Anfal
9- Tawbah10- Yunus
11- Hud12- Yusuf
13- Raad14- Ibrahim
15- Hijr16- Nahl
17- Al Isra18- Kahf
19- Maryam20- TaHa
21- Anbiya22- Hajj
23- Muminun24- An Nur
25- Furqan26- Shuara
27- Naml28- Qasas
29- Ankabut30- Rum
31- Luqman32- Sajdah
33- Ahzab34- Saba
35- Fatir36- Yasin
37- Assaaffat38- Sad
39- Zumar40- Ghafir
41- Fussilat42- shura
43- Zukhruf44- Ad Dukhaan
45- Jathiyah46- Ahqaf
47- Muhammad48- Al Fath
49- Hujurat50- Qaf
51- zariyat52- Tur
53- Najm54- Al Qamar
55- Rahman56- Waqiah
57- Hadid58- Mujadilah
59- Al Hashr60- Mumtahina
61- Saff62- Jumuah
63- Munafiqun64- Taghabun
65- Talaq66- Tahrim
67- Mulk68- Qalam
69- Al-Haqqah70- Maarij
71- Nuh72- Jinn
73- Muzammil74- Muddathir
75- Qiyamah76- Insan
77- Mursalat78- An Naba
79- Naziat80- Abasa
81- Takwir82- Infitar
83- Mutaffifin84- Inshiqaq
85- Buruj86- Tariq
87- Al Ala88- Ghashiya
89- Fajr90- Al Balad
91- Shams92- Lail
93- Duha94- Sharh
95- Tin96- Al Alaq
97- Qadr98- Bayyinah
99- Zalzalah100- Adiyat
101- Qariah102- Takathur
103- Al Asr104- Humazah
105- Al Fil106- Quraysh
107- Maun108- Kawthar
109- Kafirun110- Nasr
111- Masad112- Ikhlas
113- Falaq114- An Nas