×

Surah At-Tahreem in Sindhi

Quran Sindhi ⮕ Surah Tahrim

Translation of the Meanings of Surah Tahrim in Sindhi - السندية

The Quran in Sindhi - Surah Tahrim translated into Sindhi, Surah At-Tahreem in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Tahrim in Sindhi - السندية, Verses 12 - Surah Number 66 - Page 560.

بسم الله الرحمن الرحيم

يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَا أَحَلَّ اللَّهُ لَكَ ۖ تَبْتَغِي مَرْضَاتَ أَزْوَاجِكَ ۚ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ (1)
اي پيغمبر جنھن شيءِ کي الله تولاءِ حلال ڪيو آھي سا ڇو ٿو حرام ڪرين؟ پنھنجين زالن جو راضپو گھرين ٿو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي
قَدْ فَرَضَ اللَّهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ أَيْمَانِكُمْ ۚ وَاللَّهُ مَوْلَاكُمْ ۖ وَهُوَ الْعَلِيمُ الْحَكِيمُ (2)
بيشڪ الله اوھان لاءِ اوھان جي قسمن جو کولڻ درست ڪيو آھي، ۽ الله اوھان جو سائين آھي، ۽ اُھو ڄاڻندڙ حِڪمت وارو آھي
وَإِذْ أَسَرَّ النَّبِيُّ إِلَىٰ بَعْضِ أَزْوَاجِهِ حَدِيثًا فَلَمَّا نَبَّأَتْ بِهِ وَأَظْهَرَهُ اللَّهُ عَلَيْهِ عَرَّفَ بَعْضَهُ وَأَعْرَضَ عَن بَعْضٍ ۖ فَلَمَّا نَبَّأَهَا بِهِ قَالَتْ مَنْ أَنبَأَكَ هَٰذَا ۖ قَالَ نَبَّأَنِيَ الْعَلِيمُ الْخَبِيرُ (3)
۽ (ياد ڪر) جڏھن پيغمبر پنھنجين زالن مان ڪنھن ھڪڙي کي ڪا ڳالھ ڳجھي چئي، پوءِ جڏھن اُن (ڳالھ) کي اُن (بي بيءَ) پڌرو ڪيو ۽ الله پيغمبر کي اُن (ڳجھي ڳالھ جي پڌري ڪرڻ) تي واقف ڪيو (تڏھن) پيغمبر ڪُجھ اُھا (ڳالھ بي بيءَ کي) ڄاڻائي ڪجھ چوڻ کان ٽارو ڪيائين، پوءِ جڏھن اُن (بي بيءَ) کي ڳجھيءَ ڳالھ (جي پڌري ڪرڻ) کان واقف ڪيائين (تڏھن) اُن (بي بي) چيو ته اھا توکي ڪنھن ڄاڻائي، (پيغمبر) فرمايو ته مون کي (الله) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ خبر ڏني
إِن تَتُوبَا إِلَى اللَّهِ فَقَدْ صَغَتْ قُلُوبُكُمَا ۖ وَإِن تَظَاهَرَا عَلَيْهِ فَإِنَّ اللَّهَ هُوَ مَوْلَاهُ وَجِبْرِيلُ وَصَالِحُ الْمُؤْمِنِينَ ۖ وَالْمَلَائِكَةُ بَعْدَ ذَٰلِكَ ظَهِيرٌ (4)
(اي پيغمبر جون زالون) جيڪڏھن اوھين ٻئي الله وٽ توبه ڪنديون ته بيشڪ اوھان جي دلين لاڙو ڪيو آھي، ۽ جيڪڏھن پيغمبر (جي ايذائڻ تي ٻئي گڏجي ڏاڍ ڪنديون ته بيشڪ الله سندس ڀرجھلو آھي ۽ جبرئيل ۽ سُڌريل مؤمن (به)، ۽ ھن کانپوءِ ملائڪ (به) مددگار آھن
عَسَىٰ رَبُّهُ إِن طَلَّقَكُنَّ أَن يُبْدِلَهُ أَزْوَاجًا خَيْرًا مِّنكُنَّ مُسْلِمَاتٍ مُّؤْمِنَاتٍ قَانِتَاتٍ تَائِبَاتٍ عَابِدَاتٍ سَائِحَاتٍ ثَيِّبَاتٍ وَأَبْكَارًا (5)
جيڪڏھن پيغمبر اوھان کي طلاق ڏيندو ته اميد آھي ته سندس پالڻھار اوھان کان چڱيون زالون فرمانبردار مؤمنياڻيون نماز پڙھڻ واريون توبه ڪرڻ واريون عبادت ڪرڻ واريون رنيلان ۽ ڪنواريون (ٻيون) ان کي عوض ۾ ڏيندو
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا قُوا أَنفُسَكُمْ وَأَهْلِيكُمْ نَارًا وَقُودُهَا النَّاسُ وَالْحِجَارَةُ عَلَيْهَا مَلَائِكَةٌ غِلَاظٌ شِدَادٌ لَّا يَعْصُونَ اللَّهَ مَا أَمَرَهُمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ (6)
اي ايمان وارؤ پاڻ کي پنھنجي گھر جي ڀاتين کي انھيءَ باھ کان بچايو جنھن جو ٻارڻ ماڻھو ۽ پھڻ ھوندا جنھن (باھ) تي سخت طبع زبردست ملائڪ (مُقرر) آھن جيڪي (الله) کين فرمايو آھي تنھن ۾ الله جي نافرماني نه ڪندا آھن ۽ جيڪي کين حُڪم ڪبو آھي سو ڪندا آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ كَفَرُوا لَا تَعْتَذِرُوا الْيَوْمَ ۖ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ (7)
(ان ڏينھن چئبو ته) اي ڪافرؤ اڄ بھانو (پيش) نه ڪريو، جيڪي ڪندا ھئو رڳو تَنھنجي اوھان کي سزا ڏجي ٿي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا تُوبُوا إِلَى اللَّهِ تَوْبَةً نَّصُوحًا عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَن يُكَفِّرَ عَنكُمْ سَيِّئَاتِكُمْ وَيُدْخِلَكُمْ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ يَوْمَ لَا يُخْزِي اللَّهُ النَّبِيَّ وَالَّذِينَ آمَنُوا مَعَهُ ۖ نُورُهُمْ يَسْعَىٰ بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَبِأَيْمَانِهِمْ يَقُولُونَ رَبَّنَا أَتْمِمْ لَنَا نُورَنَا وَاغْفِرْ لَنَا ۖ إِنَّكَ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ (8)
اي ايمان وارؤ الله وٽ توبه ڪريو سچي توبه، اوھان جي پالڻھار ۾ اميد آھي ته اوھان جون مدايون اوھان کان ميٽيندو ۽ اوھان کي (اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جنھن ڏينھن جو الله پيغمبر کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو آھي تن کي خوار نه ڪندو، سندن (ايماني) نُور سندن اڳيان ۽ سندن سڄن پاسن ۾ ڊوڙندو چوندا (ته) اي اسان جا پالڻھار اسان لاءِ اسان جو نُور ڀرپور ڪر ۽ اسان کي بخش، بيشڪ تون سڀڪنھن شيءَ تي وس وارو آھين
يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ جَاهِدِ الْكُفَّارَ وَالْمُنَافِقِينَ وَاغْلُظْ عَلَيْهِمْ ۚ وَمَأْوَاهُمْ جَهَنَّمُ ۖ وَبِئْسَ الْمَصِيرُ (9)
اي پيغمبر ڪافرن ۽ منافقن سان لڙائي ڪر ۽ مٿن سختي ڪر، ۽ سندن جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھو ھنڌ بڇڙو آھي
ضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِّلَّذِينَ كَفَرُوا امْرَأَتَ نُوحٍ وَامْرَأَتَ لُوطٍ ۖ كَانَتَا تَحْتَ عَبْدَيْنِ مِنْ عِبَادِنَا صَالِحَيْنِ فَخَانَتَاهُمَا فَلَمْ يُغْنِيَا عَنْهُمَا مِنَ اللَّهِ شَيْئًا وَقِيلَ ادْخُلَا النَّارَ مَعَ الدَّاخِلِينَ (10)
الله نُوح جي زال ۽ لُوط جي زال جو ھڪ مثال ڪافرن لاءِ بيان ڪري ٿو، (اُھي) اسان جي ٻن صالحن ٻانھن (جي نڪاح) ھيٺ ھيون پوءِ اُنھن زالن ٻنھي سان خيانت ڪئي ۽ پوءِ اُھي ٻئي (پنھنجين) زالن کان الله جو عذاب ڪجھ به ٽاري نه سگھيا (انھن کي) چئبو ته باھ ۾ گھڙندڙن سان گڏ گھڙو
وَضَرَبَ اللَّهُ مَثَلًا لِّلَّذِينَ آمَنُوا امْرَأَتَ فِرْعَوْنَ إِذْ قَالَتْ رَبِّ ابْنِ لِي عِندَكَ بَيْتًا فِي الْجَنَّةِ وَنَجِّنِي مِن فِرْعَوْنَ وَعَمَلِهِ وَنَجِّنِي مِنَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ (11)
۽ الله مؤمنن لاءِ فرعون جي زال جو ھڪ مثال بيان ڪري ٿو، جڏھن چيائين ته اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ بھشت ۾ مون لاءِ ڪو گھر ٺاھ ۽ فرعون ۽ سندس ڪم کان مون کي بچاءِ ۽ ظالمن جي ٽوليءَ کان (پڻ) مون کي بچاءِ
وَمَرْيَمَ ابْنَتَ عِمْرَانَ الَّتِي أَحْصَنَتْ فَرْجَهَا فَنَفَخْنَا فِيهِ مِن رُّوحِنَا وَصَدَّقَتْ بِكَلِمَاتِ رَبِّهَا وَكُتُبِهِ وَكَانَتْ مِنَ الْقَانِتِينَ (12)
۽ مَرۡيم ڌِيءُ عِمۡران جي جنھن پنھنجي اُگھڙ کي بچايو پوءِ اُن (جي رحم) ۾ پنھنجو رُوح ڦوڪيوسون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪمن ۽ سندس ڪتابن کي سچ ڄاتو ھوائين ۽ فرمانبردارن مان ھُئي
❮ Previous Next ❯

Surahs from Quran :

1- Fatiha2- Baqarah
3- Al Imran4- Nisa
5- Maidah6- Anam
7- Araf8- Anfal
9- Tawbah10- Yunus
11- Hud12- Yusuf
13- Raad14- Ibrahim
15- Hijr16- Nahl
17- Al Isra18- Kahf
19- Maryam20- TaHa
21- Anbiya22- Hajj
23- Muminun24- An Nur
25- Furqan26- Shuara
27- Naml28- Qasas
29- Ankabut30- Rum
31- Luqman32- Sajdah
33- Ahzab34- Saba
35- Fatir36- Yasin
37- Assaaffat38- Sad
39- Zumar40- Ghafir
41- Fussilat42- shura
43- Zukhruf44- Ad Dukhaan
45- Jathiyah46- Ahqaf
47- Muhammad48- Al Fath
49- Hujurat50- Qaf
51- zariyat52- Tur
53- Najm54- Al Qamar
55- Rahman56- Waqiah
57- Hadid58- Mujadilah
59- Al Hashr60- Mumtahina
61- Saff62- Jumuah
63- Munafiqun64- Taghabun
65- Talaq66- Tahrim
67- Mulk68- Qalam
69- Al-Haqqah70- Maarij
71- Nuh72- Jinn
73- Muzammil74- Muddathir
75- Qiyamah76- Insan
77- Mursalat78- An Naba
79- Naziat80- Abasa
81- Takwir82- Infitar
83- Mutaffifin84- Inshiqaq
85- Buruj86- Tariq
87- Al Ala88- Ghashiya
89- Fajr90- Al Balad
91- Shams92- Lail
93- Duha94- Sharh
95- Tin96- Al Alaq
97- Qadr98- Bayyinah
99- Zalzalah100- Adiyat
101- Qariah102- Takathur
103- Al Asr104- Humazah
105- Al Fil106- Quraysh
107- Maun108- Kawthar
109- Kafirun110- Nasr
111- Masad112- Ikhlas
113- Falaq114- An Nas