وَيْلٌ لِّلْمُطَفِّفِينَ (1) (تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي |
الَّذِينَ إِذَا اكْتَالُوا عَلَى النَّاسِ يَسْتَوْفُونَ (2) جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن |
وَإِذَا كَالُوهُمْ أَو وَّزَنُوهُمْ يُخْسِرُونَ (3) ۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن |
أَلَا يَظُنُّ أُولَٰئِكَ أَنَّهُم مَّبْعُوثُونَ (4) اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو |
لِيَوْمٍ عَظِيمٍ (5) اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ |
يَوْمَ يَقُومُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعَالَمِينَ (6) جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا |
كَلَّا إِنَّ كِتَابَ الْفُجَّارِ لَفِي سِجِّينٍ (7) سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي |
وَمَا أَدْرَاكَ مَا سِجِّينٌ (8) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟ |
كِتَابٌ مَّرْقُومٌ (9) ھڪ لکيل دفتر آھي |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (10) اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي |
الَّذِينَ يُكَذِّبُونَ بِيَوْمِ الدِّينِ (11) جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن |
وَمَا يُكَذِّبُ بِهِ إِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ (12) ۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو |
إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ آيَاتُنَا قَالَ أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ (13) جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن |
كَلَّا ۖ بَلْ ۜ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُوا يَكْسِبُونَ (14) ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي |
كَلَّا إِنَّهُمْ عَن رَّبِّهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّمَحْجُوبُونَ (15) ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا |
ثُمَّ إِنَّهُمْ لَصَالُو الْجَحِيمِ (16) وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا |
ثُمَّ يُقَالُ هَٰذَا الَّذِي كُنتُم بِهِ تُكَذِّبُونَ (17) وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ |
كَلَّا إِنَّ كِتَابَ الْأَبْرَارِ لَفِي عِلِّيِّينَ (18) سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي |
وَمَا أَدْرَاكَ مَا عِلِّيُّونَ (19) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟ |
كِتَابٌ مَّرْقُومٌ (20) ھڪ لکيل دفتر آھي |
يَشْهَدُهُ الْمُقَرَّبُونَ (21) اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن |
إِنَّ الْأَبْرَارَ لَفِي نَعِيمٍ (22) بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا |
عَلَى الْأَرَائِكِ يَنظُرُونَ (23) تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا |
تَعْرِفُ فِي وُجُوهِهِمْ نَضْرَةَ النَّعِيمِ (24) (سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين |
يُسْقَوْنَ مِن رَّحِيقٍ مَّخْتُومٍ (25) مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن |
خِتَامُهُ مِسْكٌ ۚ وَفِي ذَٰلِكَ فَلْيَتَنَافَسِ الْمُتَنَافِسُونَ (26) جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن |
وَمِزَاجُهُ مِن تَسْنِيمٍ (27) اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي |
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا الْمُقَرَّبُونَ (28) جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا |
إِنَّ الَّذِينَ أَجْرَمُوا كَانُوا مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا يَضْحَكُونَ (29) بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا |
وَإِذَا مَرُّوا بِهِمْ يَتَغَامَزُونَ (30) ۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا |
وَإِذَا انقَلَبُوا إِلَىٰ أَهْلِهِمُ انقَلَبُوا فَكِهِينَ (31) ۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا |
وَإِذَا رَأَوْهُمْ قَالُوا إِنَّ هَٰؤُلَاءِ لَضَالُّونَ (32) ۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن |
وَمَا أُرْسِلُوا عَلَيْهِمْ حَافِظِينَ (33) ۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا |
فَالْيَوْمَ الَّذِينَ آمَنُوا مِنَ الْكُفَّارِ يَضْحَكُونَ (34) تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا |
عَلَى الْأَرَائِكِ يَنظُرُونَ (35) تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا |
هَلْ ثُوِّبَ الْكُفَّارُ مَا كَانُوا يَفْعَلُونَ (36) (۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا |