The Quran in Sindhi - Surah Tin translated into Sindhi, Surah At-Tin in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Tin in Sindhi - السندية, Verses 8 - Surah Number 95 - Page 597.
بِّسْمِ اللَّهِ الرَّحْمَٰنِ الرَّحِيمِ وَالتِّينِ وَالزَّيْتُونِ (1) انجير ۽ زيتون جو قسم آھي |
وَطُورِ سِينِينَ (2) ۽ طُور سينا جو |
وَهَٰذَا الْبَلَدِ الْأَمِينِ (3) ۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو |
لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ (4) ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون |
ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ (5) وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس |
إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ (6) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي |
فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِالدِّينِ (7) پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟ |
أَلَيْسَ اللَّهُ بِأَحْكَمِ الْحَاكِمِينَ (8) حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟ |