The Quran in Sindhi - Surah Adiyat translated into Sindhi, Surah Al-Adiyat in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Adiyat in Sindhi - السندية, Verses 11 - Surah Number 100 - Page 599.

| وَالْعَادِيَاتِ ضَبْحًا (1) ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي |
| فَالْمُورِيَاتِ قَدْحًا (2) پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي |
| فَالْمُغِيرَاتِ صُبْحًا (3) پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي |
| فَأَثَرْنَ بِهِ نَقْعًا (4) جو اُن مھل رئي اُٿارين |
| فَوَسَطْنَ بِهِ جَمْعًا (5) پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون |
| إِنَّ الْإِنسَانَ لِرَبِّهِ لَكَنُودٌ (6) ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي |
| وَإِنَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ (7) ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي |
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيدٌ (8) ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي |
| ۞ أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُورِ (9) (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن |
| وَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُورِ (10) ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو |
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌ (11) بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي |