القرآن باللغة السندية - سورة العاديات مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Adiyat in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة العاديات باللغة السندية - Sindhi, الآيات 11 - رقم السورة 100 - الصفحة 599.

| وَالْعَادِيَاتِ ضَبْحًا (1) ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي  | 
| فَالْمُورِيَاتِ قَدْحًا (2) پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي  | 
| فَالْمُغِيرَاتِ صُبْحًا (3) پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي  | 
| فَأَثَرْنَ بِهِ نَقْعًا (4) جو اُن مھل رئي اُٿارين  | 
| فَوَسَطْنَ بِهِ جَمْعًا (5) پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون  | 
| إِنَّ الْإِنسَانَ لِرَبِّهِ لَكَنُودٌ (6) ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي  | 
| وَإِنَّهُ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ (7) ۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي  | 
| وَإِنَّهُ لِحُبِّ الْخَيْرِ لَشَدِيدٌ (8) ۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي  | 
| ۞ أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِي الْقُبُورِ (9) (اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن  | 
| وَحُصِّلَ مَا فِي الصُّدُورِ (10) ۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو  | 
| إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌ (11) بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي  |