The Quran in Sindhi - Surah Al-Haqqah translated into Sindhi, Surah Al-Haqqah in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Al-Haqqah in Sindhi - السندية, Verses 52 - Surah Number 69 - Page 566.

| الْحَاقَّةُ (1) قيامت | 
| مَا الْحَاقَّةُ (2) ڇا آھي (اھا) قيامت | 
| وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْحَاقَّةُ (3) ۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟ | 
| كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌ بِالْقَارِعَةِ (4) ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو | 
| فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا بِالطَّاغِيَةِ (5) پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا | 
| وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ (6) ۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا | 
| سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَثَمَانِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًا فَتَرَى الْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَىٰ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ (7) (الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن | 
| فَهَلْ تَرَىٰ لَهُم مِّن بَاقِيَةٍ (8) پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟ | 
| وَجَاءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُ وَالْمُؤْتَفِكَاتُ بِالْخَاطِئَةِ (9) ۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا | 
| فَعَصَوْا رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً (10) ۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو | 
| إِنَّا لَمَّا طَغَى الْمَاءُ حَمَلْنَاكُمْ فِي الْجَارِيَةِ (11) بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو | 
| لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَا أُذُنٌ وَاعِيَةٌ (12) ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي | 
| فَإِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ نَفْخَةٌ وَاحِدَةٌ (13) پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي | 
| وَحُمِلَتِ الْأَرْضُ وَالْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَاحِدَةً (14) ۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو | 
| فَيَوْمَئِذٍ وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ (15) پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي | 
| وَانشَقَّتِ السَّمَاءُ فَهِيَ يَوْمَئِذٍ وَاهِيَةٌ (16) ۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو | 
| وَالْمَلَكُ عَلَىٰ أَرْجَائِهَا ۚ وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَانِيَةٌ (17) ۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا | 
| يَوْمَئِذٍ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَىٰ مِنكُمْ خَافِيَةٌ (18) اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي | 
| فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ فَيَقُولُ هَاؤُمُ اقْرَءُوا كِتَابِيَهْ (19) پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو | 
| إِنِّي ظَنَنتُ أَنِّي مُلَاقٍ حِسَابِيَهْ (20) بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس | 
| فَهُوَ فِي عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ (21) اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو | 
| فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ (22) مٿاھين بھشت ۾ | 
| قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ (23) جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا | 
| كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا أَسْلَفْتُمْ فِي الْأَيَّامِ الْخَالِيَةِ (24) (چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ | 
| وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِشِمَالِهِ فَيَقُولُ يَا لَيْتَنِي لَمْ أُوتَ كِتَابِيَهْ (25) ۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا | 
| وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيَهْ (26) نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟ | 
| يَا لَيْتَهَا كَانَتِ الْقَاضِيَةَ (27) ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا | 
| مَا أَغْنَىٰ عَنِّي مَالِيَهْ ۜ (28) منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو | 
| هَلَكَ عَنِّي سُلْطَانِيَهْ (29) مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي | 
| خُذُوهُ فَغُلُّوهُ (30) (ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس | 
| ثُمَّ الْجَحِيمَ صَلُّوهُ (31) وري دوزخ ۾ وجھوس | 
| ثُمَّ فِي سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَاسْلُكُوهُ (32) وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي | 
| إِنَّهُ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِاللَّهِ الْعَظِيمِ (33) ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو | 
| وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ (34) ۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو | 
| فَلَيْسَ لَهُ الْيَوْمَ هَاهُنَا حَمِيمٌ (35) تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي | 
| وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍ (36) ۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي | 
| لَّا يَأْكُلُهُ إِلَّا الْخَاطِئُونَ (37) (جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو | 
| فَلَا أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ (38) پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو | 
| وَمَا لَا تُبْصِرُونَ (39) ۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به) | 
| إِنَّهُ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ (40) ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي | 
| وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تُؤْمِنُونَ (41) ۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا | 
| وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ ۚ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ (42) ۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا | 
| تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ الْعَالَمِينَ (43) (ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي | 
| وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ الْأَقَاوِيلِ (44) ۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا | 
| لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِالْيَمِينِ (45) ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا | 
| ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ الْوَتِينَ (46) وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا | 
| فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَاجِزِينَ (47) پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي | 
| وَإِنَّهُ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِينَ (48) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي | 
| وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ (49) ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن | 
| وَإِنَّهُ لَحَسْرَةٌ عَلَى الْكَافِرِينَ (50) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي | 
| وَإِنَّهُ لَحَقُّ الْيَقِينِ (51) ۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي | 
| فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ (52) تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر |