سَأَلَ سَائِلٌ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ (1) ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو |
لِّلْكَافِرِينَ لَيْسَ لَهُ دَافِعٌ (2) جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي |
مِّنَ اللَّهِ ذِي الْمَعَارِجِ (3) جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي |
تَعْرُجُ الْمَلَائِكَةُ وَالرُّوحُ إِلَيْهِ فِي يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ (4) جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا |
فَاصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا (5) تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر |
إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُ بَعِيدًا (6) ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا |
وَنَرَاهُ قَرِيبًا (7) ۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون |
يَوْمَ تَكُونُ السَّمَاءُ كَالْمُهْلِ (8) جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو |
وَتَكُونُ الْجِبَالُ كَالْعِهْنِ (9) ۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا |
وَلَا يَسْأَلُ حَمِيمٌ حَمِيمًا (10) ۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو |
يُبَصَّرُونَهُمْ ۚ يَوَدُّ الْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِي مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍ بِبَنِيهِ (11) (توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي |
وَصَاحِبَتِهِ وَأَخِيهِ (12) ۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به) |
وَفَصِيلَتِهِ الَّتِي تُؤْوِيهِ (13) ۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي |
وَمَن فِي الْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ يُنجِيهِ (14) ۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس |
كَلَّا ۖ إِنَّهَا لَظَىٰ (15) ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي |
نَزَّاعَةً لِّلشَّوَىٰ (16) مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي |
تَدْعُو مَنْ أَدْبَرَ وَتَوَلَّىٰ (17) جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي |
وَجَمَعَ فَأَوْعَىٰ (18) ۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين |
۞ إِنَّ الْإِنسَانَ خُلِقَ هَلُوعًا (19) بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي |
إِذَا مَسَّهُ الشَّرُّ جَزُوعًا (20) جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي |
وَإِذَا مَسَّهُ الْخَيْرُ مَنُوعًا (21) ۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي |
إِلَّا الْمُصَلِّينَ (22) پر (اُھي) نمازي (نه) |
الَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ دَائِمُونَ (23) جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن |
وَالَّذِينَ فِي أَمْوَالِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُومٌ (24) ۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي |
لِّلسَّائِلِ وَالْمَحْرُومِ (25) سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ |
وَالَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوْمِ الدِّينِ (26) ۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن |
وَالَّذِينَ هُم مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ (27) ۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن |
إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَيْرُ مَأْمُونٍ (28) بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو |
وَالَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَافِظُونَ (29) ۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن |
إِلَّا عَلَىٰ أَزْوَاجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَانُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ (30) پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن |
فَمَنِ ابْتَغَىٰ وَرَاءَ ذَٰلِكَ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الْعَادُونَ (31) پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن |
وَالَّذِينَ هُمْ لِأَمَانَاتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَاعُونَ (32) ۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن |
وَالَّذِينَ هُم بِشَهَادَاتِهِمْ قَائِمُونَ (33) ۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن |
وَالَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ (34) ۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن |
أُولَٰئِكَ فِي جَنَّاتٍ مُّكْرَمُونَ (35) اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا |
فَمَالِ الَّذِينَ كَفَرُوا قِبَلَكَ مُهْطِعِينَ (36) پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن |
عَنِ الْيَمِينِ وَعَنِ الشِّمَالِ عِزِينَ (37) سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي |
أَيَطْمَعُ كُلُّ امْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍ (38) منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟ |
كَلَّا ۖ إِنَّا خَلَقْنَاهُم مِّمَّا يَعْلَمُونَ (39) ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن |
فَلَا أُقْسِمُ بِرَبِّ الْمَشَارِقِ وَالْمَغَارِبِ إِنَّا لَقَادِرُونَ (40) پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون |
عَلَىٰ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ (41) ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون |
فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا وَيَلْعَبُوا حَتَّىٰ يُلَاقُوا يَوْمَهُمُ الَّذِي يُوعَدُونَ (42) پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو |
يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ الْأَجْدَاثِ سِرَاعًا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍ يُوفِضُونَ (43) جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا |
خَاشِعَةً أَبْصَارُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ۚ ذَٰلِكَ الْيَوْمُ الَّذِي كَانُوا يُوعَدُونَ (44) ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو |