×

Surah An-Naba in Sindhi

Quran Sindhi ⮕ Surah An Naba

Translation of the Meanings of Surah An Naba in Sindhi - السندية

The Quran in Sindhi - Surah An Naba translated into Sindhi, Surah An-Naba in Sindhi. We provide accurate translation of Surah An Naba in Sindhi - السندية, Verses 40 - Surah Number 78 - Page 582.

بسم الله الرحمن الرحيم

عَمَّ يَتَسَاءَلُونَ (1)
ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا
عَنِ النَّبَإِ الْعَظِيمِ (2)
(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت
الَّذِي هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ (3)
جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن
كَلَّا سَيَعْلَمُونَ (4)
ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا
ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ (5)
وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا
أَلَمْ نَجْعَلِ الْأَرْضَ مِهَادًا (6)
زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
وَالْجِبَالَ أَوْتَادًا (7)
۽ جبلن کي ميخون؟
وَخَلَقْنَاكُمْ أَزْوَاجًا (8)
۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون
وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا (9)
۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون
وَجَعَلْنَا اللَّيْلَ لِبَاسًا (10)
۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون
وَجَعَلْنَا النَّهَارَ مَعَاشًا (11)
۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون
وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا (12)
۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون
وَجَعَلْنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا (13)
۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون
وَأَنزَلْنَا مِنَ الْمُعْصِرَاتِ مَاءً ثَجَّاجًا (14)
۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون
لِّنُخْرِجَ بِهِ حَبًّا وَنَبَاتًا (15)
ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون
وَجَنَّاتٍ أَلْفَافًا (16)
۽ گھاٽاباغ (به)
إِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ كَانَ مِيقَاتًا (17)
بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي
يَوْمَ يُنفَخُ فِي الصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا (18)
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ
وَفُتِحَتِ السَّمَاءُ فَكَانَتْ أَبْوَابًا (19)
۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو
وَسُيِّرَتِ الْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا (20)
۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا
إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًا (21)
بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي
لِّلطَّاغِينَ مَآبًا (22)
جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي
لَّابِثِينَ فِيهَا أَحْقَابًا (23)
منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا
لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًا وَلَا شَرَابًا (24)
اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا
إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا (25)
تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ
جَزَاءً وِفَاقًا (26)
(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي
إِنَّهُمْ كَانُوا لَا يَرْجُونَ حِسَابًا (27)
ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا
وَكَذَّبُوا بِآيَاتِنَا كِذَّابًا (28)
۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا
وَكُلَّ شَيْءٍ أَحْصَيْنَاهُ كِتَابًا (29)
۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون
فَذُوقُوا فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا (30)
پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون
إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا (31)
بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي
حَدَائِقَ وَأَعْنَابًا (32)
جو باغ ۽ ڊاکون
وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًا (33)
۽ ھم عمر نوجوان زالون
وَكَأْسًا دِهَاقًا (34)
۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به)
لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا كِذَّابًا (35)
اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا
جَزَاءً مِّن رَّبِّكَ عَطَاءً حِسَابًا (36)
(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي
رَّبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا الرَّحْمَٰنِ ۖ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا (37)
جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو
يَوْمَ يَقُومُ الرُّوحُ وَالْمَلَائِكَةُ صَفًّا ۖ لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَٰنُ وَقَالَ صَوَابًا (38)
جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا
ذَٰلِكَ الْيَوْمُ الْحَقُّ ۖ فَمَن شَاءَ اتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِ مَآبًا (39)
اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي
إِنَّا أَنذَرْنَاكُمْ عَذَابًا قَرِيبًا يَوْمَ يَنظُرُ الْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ الْكَافِرُ يَا لَيْتَنِي كُنتُ تُرَابًا (40)
بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا
❮ Previous Next ❯

Surahs from Quran :

1- Fatiha2- Baqarah
3- Al Imran4- Nisa
5- Maidah6- Anam
7- Araf8- Anfal
9- Tawbah10- Yunus
11- Hud12- Yusuf
13- Raad14- Ibrahim
15- Hijr16- Nahl
17- Al Isra18- Kahf
19- Maryam20- TaHa
21- Anbiya22- Hajj
23- Muminun24- An Nur
25- Furqan26- Shuara
27- Naml28- Qasas
29- Ankabut30- Rum
31- Luqman32- Sajdah
33- Ahzab34- Saba
35- Fatir36- Yasin
37- Assaaffat38- Sad
39- Zumar40- Ghafir
41- Fussilat42- shura
43- Zukhruf44- Ad Dukhaan
45- Jathiyah46- Ahqaf
47- Muhammad48- Al Fath
49- Hujurat50- Qaf
51- zariyat52- Tur
53- Najm54- Al Qamar
55- Rahman56- Waqiah
57- Hadid58- Mujadilah
59- Al Hashr60- Mumtahina
61- Saff62- Jumuah
63- Munafiqun64- Taghabun
65- Talaq66- Tahrim
67- Mulk68- Qalam
69- Al-Haqqah70- Maarij
71- Nuh72- Jinn
73- Muzammil74- Muddathir
75- Qiyamah76- Insan
77- Mursalat78- An Naba
79- Naziat80- Abasa
81- Takwir82- Infitar
83- Mutaffifin84- Inshiqaq
85- Buruj86- Tariq
87- Al Ala88- Ghashiya
89- Fajr90- Al Balad
91- Shams92- Lail
93- Duha94- Sharh
95- Tin96- Al Alaq
97- Qadr98- Bayyinah
99- Zalzalah100- Adiyat
101- Qariah102- Takathur
103- Al Asr104- Humazah
105- Al Fil106- Quraysh
107- Maun108- Kawthar
109- Kafirun110- Nasr
111- Masad112- Ikhlas
113- Falaq114- An Nas