وَالسَّمَاءِ وَالطَّارِقِ (1) آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي | 
وَمَا أَدْرَاكَ مَا الطَّارِقُ (2) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟ | 
النَّجْمُ الثَّاقِبُ (3) (اُھو) چمڪندڙ تارو آھي | 
إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ (4) ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي | 
فَلْيَنظُرِ الْإِنسَانُ مِمَّ خُلِقَ (5) تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي | 
خُلِقَ مِن مَّاءٍ دَافِقٍ (6) ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس | 
يَخْرُجُ مِن بَيْنِ الصُّلْبِ وَالتَّرَائِبِ (7) جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي | 
إِنَّهُ عَلَىٰ رَجْعِهِ لَقَادِرٌ (8) بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي | 
يَوْمَ تُبْلَى السَّرَائِرُ (9) جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا | 
فَمَا لَهُ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ (10) پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس) | 
وَالسَّمَاءِ ذَاتِ الرَّجْعِ (11) ۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي | 
وَالْأَرْضِ ذَاتِ الصَّدْعِ (12) ۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي | 
إِنَّهُ لَقَوْلٌ فَصْلٌ (13) ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي | 
وَمَا هُوَ بِالْهَزْلِ (14) ۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي | 
إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا (15) بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا | 
وَأَكِيدُ كَيْدًا (16) ۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو | 
فَمَهِّلِ الْكَافِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًا (17) پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي |