وَالْفَجْرِ (1) پرھ جو قسم آھي |
وَلَيَالٍ عَشْرٍ (2) ۽ ڏھن راتين جو قسم آھي |
وَالشَّفْعِ وَالْوَتْرِ (3) ۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي |
وَاللَّيْلِ إِذَا يَسْرِ (4) ۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي |
هَلْ فِي ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِي حِجْرٍ (5) ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي |
أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ (6) نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو |
إِرَمَ ذَاتِ الْعِمَادِ (7) (جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا |
الَّتِي لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِي الْبِلَادِ (8) جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي |
وَثَمُودَ الَّذِينَ جَابُوا الصَّخْرَ بِالْوَادِ (9) ۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون |
وَفِرْعَوْنَ ذِي الْأَوْتَادِ (10) ۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين) |
الَّذِينَ طَغَوْا فِي الْبِلَادِ (11) انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي |
فَأَكْثَرُوا فِيهَا الْفَسَادَ (12) پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون |
فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ (13) تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو |
إِنَّ رَبَّكَ لَبِالْمِرْصَادِ (14) بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي |
فَأَمَّا الْإِنسَانُ إِذَا مَا ابْتَلَاهُ رَبُّهُ فَأَكْرَمَهُ وَنَعَّمَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَكْرَمَنِ (15) پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو |
وَأَمَّا إِذَا مَا ابْتَلَاهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُ فَيَقُولُ رَبِّي أَهَانَنِ (16) ۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو |
كَلَّا ۖ بَل لَّا تُكْرِمُونَ الْيَتِيمَ (17) (ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو |
وَلَا تَحَاضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ الْمِسْكِينِ (18) ۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو |
وَتَأْكُلُونَ التُّرَاثَ أَكْلًا لَّمًّا (19) ۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو |
وَتُحِبُّونَ الْمَالَ حُبًّا جَمًّا (20) ۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو |
كَلَّا إِذَا دُكَّتِ الْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا (21) ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي |
وَجَاءَ رَبُّكَ وَالْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا (22) ۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا) |
وَجِيءَ يَوْمَئِذٍ بِجَهَنَّمَ ۚ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ وَأَنَّىٰ لَهُ الذِّكْرَىٰ (23) ۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي |
يَقُولُ يَا لَيْتَنِي قَدَّمْتُ لِحَيَاتِي (24) چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا |
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُ أَحَدٌ (25) پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو |
وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُ أَحَدٌ (26) ۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو |
يَا أَيَّتُهَا النَّفْسُ الْمُطْمَئِنَّةُ (27) (مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ |
ارْجِعِي إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً (28) تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي |
فَادْخُلِي فِي عِبَادِي (29) تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ |
وَادْخُلِي جَنَّتِي (30) ۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ |