The Quran in Sindhi - Surah Al Balad translated into Sindhi, Surah Al-Balad in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Al Balad in Sindhi - السندية, Verses 20 - Surah Number 90 - Page 594.

| لَا أُقْسِمُ بِهَٰذَا الْبَلَدِ (1) ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو  | 
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهَٰذَا الْبَلَدِ (2) ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين  | 
| وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ (3) ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو  | 
| لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي كَبَدٍ (4) ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون  | 
| أَيَحْسَبُ أَن لَّن يَقْدِرَ عَلَيْهِ أَحَدٌ (5) (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟  | 
| يَقُولُ أَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا (6) چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو  | 
| أَيَحْسَبُ أَن لَّمْ يَرَهُ أَحَدٌ (7) ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟  | 
| أَلَمْ نَجْعَل لَّهُ عَيْنَيْنِ (8) کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟  | 
| وَلِسَانًا وَشَفَتَيْنِ (9) ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟  | 
| وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ (10) ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس  | 
| فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ (11) پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو  | 
| وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْعَقَبَةُ (12) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟  | 
| فَكُّ رَقَبَةٍ (13) ٻانھو آجو ڪرڻ آھي  | 
| أَوْ إِطْعَامٌ فِي يَوْمٍ ذِي مَسْغَبَةٍ (14) يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ  | 
| يَتِيمًا ذَا مَقْرَبَةٍ (15) مائٽي واري ڇوري ٻار کي  | 
| أَوْ مِسْكِينًا ذَا مَتْرَبَةٍ (16) يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي  | 
| ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ (17) ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون  | 
| أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ (18) اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن  | 
| وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِنَا هُمْ أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ (19) ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن  | 
| عَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ (20) مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي  |