×

Surah Al-Qiyamah in Sindhi

Quran Sindhi ⮕ Surah Qiyamah

Translation of the Meanings of Surah Qiyamah in Sindhi - السندية

The Quran in Sindhi - Surah Qiyamah translated into Sindhi, Surah Al-Qiyamah in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Qiyamah in Sindhi - السندية, Verses 40 - Surah Number 75 - Page 577.

بسم الله الرحمن الرحيم

لَا أُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيَامَةِ (1)
قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو
وَلَا أُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ (2)
۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا)
أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَلَّن نَّجْمَعَ عِظَامَهُ (3)
ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون
بَلَىٰ قَادِرِينَ عَلَىٰ أَن نُّسَوِّيَ بَنَانَهُ (4)
ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون
بَلْ يُرِيدُ الْإِنسَانُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُ (5)
بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري
يَسْأَلُ أَيَّانَ يَوْمُ الْقِيَامَةِ (6)
پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
فَإِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ (7)
پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون
وَخَسَفَ الْقَمَرُ (8)
۽ چنڊ گرھبو
وَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ (9)
۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا
يَقُولُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ الْمَفَرُّ (10)
(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
كَلَّا لَا وَزَرَ (11)
نه نه! ڪا واھ ڪانھي
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمُسْتَقَرُّ (12)
تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي
يُنَبَّأُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ (13)
اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين
بَلِ الْإِنسَانُ عَلَىٰ نَفْسِهِ بَصِيرَةٌ (14)
بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي
وَلَوْ أَلْقَىٰ مَعَاذِيرَهُ (15)
توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري
لَا تُحَرِّكْ بِهِ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِ (16)
(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين
إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ (17)
ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي
فَإِذَا قَرَأْنَاهُ فَاتَّبِعْ قُرْآنَهُ (18)
پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ
ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ (19)
وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي
كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ (20)
نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو
وَتَذَرُونَ الْآخِرَةَ (21)
۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو
وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ (22)
ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا
إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌ (23)
پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا
وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ بَاسِرَةٌ (24)
۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا
تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ (25)
ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ
كَلَّا إِذَا بَلَغَتِ التَّرَاقِيَ (26)
نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو
وَقِيلَ مَنْ ۜ رَاقٍ (27)
۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي
وَظَنَّ أَنَّهُ الْفِرَاقُ (28)
۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو
وَالْتَفَّتِ السَّاقُ بِالسَّاقِ (29)
۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمَسَاقُ (30)
اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي
فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ (31)
پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين
وَلَٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ (32)
پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين
ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰ أَهْلِهِ يَتَمَطَّىٰ (33)
وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو
أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ (34)
توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي
ثُمَّ أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ (35)
وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي
أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَن يُتْرَكَ سُدًى (36)
ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو
أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمْنَىٰ (37)
(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو
ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ (38)
وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين
فَجَعَلَ مِنْهُ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَىٰ (39)
پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين
أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَىٰ (40)
اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟
❮ Previous Next ❯

Surahs from Quran :

1- Fatiha2- Baqarah
3- Al Imran4- Nisa
5- Maidah6- Anam
7- Araf8- Anfal
9- Tawbah10- Yunus
11- Hud12- Yusuf
13- Raad14- Ibrahim
15- Hijr16- Nahl
17- Al Isra18- Kahf
19- Maryam20- TaHa
21- Anbiya22- Hajj
23- Muminun24- An Nur
25- Furqan26- Shuara
27- Naml28- Qasas
29- Ankabut30- Rum
31- Luqman32- Sajdah
33- Ahzab34- Saba
35- Fatir36- Yasin
37- Assaaffat38- Sad
39- Zumar40- Ghafir
41- Fussilat42- shura
43- Zukhruf44- Ad Dukhaan
45- Jathiyah46- Ahqaf
47- Muhammad48- Al Fath
49- Hujurat50- Qaf
51- zariyat52- Tur
53- Najm54- Al Qamar
55- Rahman56- Waqiah
57- Hadid58- Mujadilah
59- Al Hashr60- Mumtahina
61- Saff62- Jumuah
63- Munafiqun64- Taghabun
65- Talaq66- Tahrim
67- Mulk68- Qalam
69- Al-Haqqah70- Maarij
71- Nuh72- Jinn
73- Muzammil74- Muddathir
75- Qiyamah76- Insan
77- Mursalat78- An Naba
79- Naziat80- Abasa
81- Takwir82- Infitar
83- Mutaffifin84- Inshiqaq
85- Buruj86- Tariq
87- Al Ala88- Ghashiya
89- Fajr90- Al Balad
91- Shams92- Lail
93- Duha94- Sharh
95- Tin96- Al Alaq
97- Qadr98- Bayyinah
99- Zalzalah100- Adiyat
101- Qariah102- Takathur
103- Al Asr104- Humazah
105- Al Fil106- Quraysh
107- Maun108- Kawthar
109- Kafirun110- Nasr
111- Masad112- Ikhlas
113- Falaq114- An Nas