لَا أُقْسِمُ بِيَوْمِ الْقِيَامَةِ (1) قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو |
وَلَا أُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِ (2) ۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا) |
أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَلَّن نَّجْمَعَ عِظَامَهُ (3) ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون |
بَلَىٰ قَادِرِينَ عَلَىٰ أَن نُّسَوِّيَ بَنَانَهُ (4) ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون |
بَلْ يُرِيدُ الْإِنسَانُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُ (5) بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري |
يَسْأَلُ أَيَّانَ يَوْمُ الْقِيَامَةِ (6) پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟ |
فَإِذَا بَرِقَ الْبَصَرُ (7) پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون |
وَخَسَفَ الْقَمَرُ (8) ۽ چنڊ گرھبو |
وَجُمِعَ الشَّمْسُ وَالْقَمَرُ (9) ۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا |
يَقُولُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ الْمَفَرُّ (10) (تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟ |
كَلَّا لَا وَزَرَ (11) نه نه! ڪا واھ ڪانھي |
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمُسْتَقَرُّ (12) تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي |
يُنَبَّأُ الْإِنسَانُ يَوْمَئِذٍ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ (13) اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين |
بَلِ الْإِنسَانُ عَلَىٰ نَفْسِهِ بَصِيرَةٌ (14) بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي |
وَلَوْ أَلْقَىٰ مَعَاذِيرَهُ (15) توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري |
لَا تُحَرِّكْ بِهِ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِ (16) (اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين |
إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُ وَقُرْآنَهُ (17) ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي |
فَإِذَا قَرَأْنَاهُ فَاتَّبِعْ قُرْآنَهُ (18) پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ |
ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُ (19) وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي |
كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ الْعَاجِلَةَ (20) نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو |
وَتَذَرُونَ الْآخِرَةَ (21) ۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو |
وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ (22) ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا |
إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌ (23) پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا |
وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ بَاسِرَةٌ (24) ۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا |
تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ (25) ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ |
كَلَّا إِذَا بَلَغَتِ التَّرَاقِيَ (26) نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو |
وَقِيلَ مَنْ ۜ رَاقٍ (27) ۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي |
وَظَنَّ أَنَّهُ الْفِرَاقُ (28) ۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو |
وَالْتَفَّتِ السَّاقُ بِالسَّاقِ (29) ۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي |
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ الْمَسَاقُ (30) اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي |
فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ (31) پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين |
وَلَٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ (32) پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين |
ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰ أَهْلِهِ يَتَمَطَّىٰ (33) وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو |
أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ (34) توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي |
ثُمَّ أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ (35) وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي |
أَيَحْسَبُ الْإِنسَانُ أَن يُتْرَكَ سُدًى (36) ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو |
أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِيٍّ يُمْنَىٰ (37) (اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو |
ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ (38) وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين |
فَجَعَلَ مِنْهُ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْأُنثَىٰ (39) پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين |
أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَادِرٍ عَلَىٰ أَن يُحْيِيَ الْمَوْتَىٰ (40) اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟ |