القرآن باللغة السندية - سورة البلد مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Al Balad in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة البلد باللغة السندية - Sindhi, الآيات 20 - رقم السورة 90 - الصفحة 594.

| لَا أُقْسِمُ بِهَٰذَا الْبَلَدِ (1) ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو |
| وَأَنتَ حِلٌّ بِهَٰذَا الْبَلَدِ (2) ۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين |
| وَوَالِدٍ وَمَا وَلَدَ (3) ۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو |
| لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنسَانَ فِي كَبَدٍ (4) ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون |
| أَيَحْسَبُ أَن لَّن يَقْدِرَ عَلَيْهِ أَحَدٌ (5) (ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟ |
| يَقُولُ أَهْلَكْتُ مَالًا لُّبَدًا (6) چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو |
| أَيَحْسَبُ أَن لَّمْ يَرَهُ أَحَدٌ (7) ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟ |
| أَلَمْ نَجْعَل لَّهُ عَيْنَيْنِ (8) کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟ |
| وَلِسَانًا وَشَفَتَيْنِ (9) ۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟ |
| وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ (10) ۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس |
| فَلَا اقْتَحَمَ الْعَقَبَةَ (11) پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو |
| وَمَا أَدْرَاكَ مَا الْعَقَبَةُ (12) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟ |
| فَكُّ رَقَبَةٍ (13) ٻانھو آجو ڪرڻ آھي |
| أَوْ إِطْعَامٌ فِي يَوْمٍ ذِي مَسْغَبَةٍ (14) يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ |
| يَتِيمًا ذَا مَقْرَبَةٍ (15) مائٽي واري ڇوري ٻار کي |
| أَوْ مِسْكِينًا ذَا مَتْرَبَةٍ (16) يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي |
| ثُمَّ كَانَ مِنَ الَّذِينَ آمَنُوا وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ وَتَوَاصَوْا بِالْمَرْحَمَةِ (17) ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون |
| أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ (18) اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن |
| وَالَّذِينَ كَفَرُوا بِآيَاتِنَا هُمْ أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ (19) ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن |
| عَلَيْهِمْ نَارٌ مُّؤْصَدَةٌ (20) مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي |