| وَاللَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ (1) رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي
 | 
| وَالنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ (2) ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو
 | 
| وَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْأُنثَىٰ (3) ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي
 | 
| إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ (4) ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي
 | 
| فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَاتَّقَىٰ (5) پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي
 | 
| وَصَدَّقَ بِالْحُسْنَىٰ (6) ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين
 | 
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْيُسْرَىٰ (7) تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين
 | 
| وَأَمَّا مَن بَخِلَ وَاسْتَغْنَىٰ (8) ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين
 | 
| وَكَذَّبَ بِالْحُسْنَىٰ (9) ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين
 | 
| فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْعُسْرَىٰ (10) تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين
 | 
| وَمَا يُغْنِي عَنْهُ مَالُهُ إِذَا تَرَدَّىٰ (11) ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو
 | 
| إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ (12) بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي
 | 
| وَإِنَّ لَنَا لَلْآخِرَةَ وَالْأُولَىٰ (13) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن
 | 
| فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظَّىٰ (14) پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي
 | 
| لَا يَصْلَاهَا إِلَّا الْأَشْقَى (15) (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو
 | 
| الَّذِي كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ (16) جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو
 | 
| وَسَيُجَنَّبُهَا الْأَتْقَى (17) ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو
 | 
| الَّذِي يُؤْتِي مَالَهُ يَتَزَكَّىٰ (18) جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي
 | 
| وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِّعْمَةٍ تُجْزَىٰ (19) ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي
 | 
| إِلَّا ابْتِغَاءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْأَعْلَىٰ (20) پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو)
 | 
| وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ (21) ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو
 |