The Quran in Sindhi - Surah Duha translated into Sindhi, Surah Ad-Dhuha in Sindhi. We provide accurate translation of Surah Duha in Sindhi - السندية, Verses 11 - Surah Number 93 - Page 596.
وَالضُّحَىٰ (1) مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي |
وَاللَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ (2) ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي |
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ (3) ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو |
وَلَلْآخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْأُولَىٰ (4) ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي |
وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ (5) ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين |
أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَآوَىٰ (6) توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين |
وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَىٰ (7) ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين |
وَوَجَدَكَ عَائِلًا فَأَغْنَىٰ (8) ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين |
فَأَمَّا الْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ (9) تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر |
وَأَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنْهَرْ (10) ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ |
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ (11) ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ |