وَاللَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ (1) رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي |
وَالنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ (2) ۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو |
وَمَا خَلَقَ الذَّكَرَ وَالْأُنثَىٰ (3) ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي |
إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ (4) ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي |
فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَاتَّقَىٰ (5) پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي |
وَصَدَّقَ بِالْحُسْنَىٰ (6) ۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْيُسْرَىٰ (7) تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين |
وَأَمَّا مَن بَخِلَ وَاسْتَغْنَىٰ (8) ۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين |
وَكَذَّبَ بِالْحُسْنَىٰ (9) ۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين |
فَسَنُيَسِّرُهُ لِلْعُسْرَىٰ (10) تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين |
وَمَا يُغْنِي عَنْهُ مَالُهُ إِذَا تَرَدَّىٰ (11) ۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو |
إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ (12) بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي |
وَإِنَّ لَنَا لَلْآخِرَةَ وَالْأُولَىٰ (13) ۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن |
فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظَّىٰ (14) پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي |
لَا يَصْلَاهَا إِلَّا الْأَشْقَى (15) (اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو |
الَّذِي كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ (16) جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو |
وَسَيُجَنَّبُهَا الْأَتْقَى (17) ۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو |
الَّذِي يُؤْتِي مَالَهُ يَتَزَكَّىٰ (18) جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي |
وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُ مِن نِّعْمَةٍ تُجْزَىٰ (19) ۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي |
إِلَّا ابْتِغَاءَ وَجْهِ رَبِّهِ الْأَعْلَىٰ (20) پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو) |
وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ (21) ۽ ضرور جلد خوش ٿيندو |