القرآن باللغة السندية - سورة الضحى مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Duha in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة الضحى باللغة السندية - Sindhi, الآيات 11 - رقم السورة 93 - الصفحة 596.

| وَالضُّحَىٰ (1) مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي | 
| وَاللَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ (2) ۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي | 
| مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ (3) ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو | 
| وَلَلْآخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ الْأُولَىٰ (4) ۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي | 
| وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰ (5) ۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين | 
| أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَآوَىٰ (6) توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين | 
| وَوَجَدَكَ ضَالًّا فَهَدَىٰ (7) ۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين | 
| وَوَجَدَكَ عَائِلًا فَأَغْنَىٰ (8) ۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين | 
| فَأَمَّا الْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ (9) تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر | 
| وَأَمَّا السَّائِلَ فَلَا تَنْهَرْ (10) ۽ سُوالي کي نه جھڻڪ | 
| وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ (11) ۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ |