حم (1) حٰمٓ |
وَالْكِتَابِ الْمُبِينِ (2) (ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي |
إِنَّا أَنزَلْنَاهُ فِي لَيْلَةٍ مُّبَارَكَةٍ ۚ إِنَّا كُنَّا مُنذِرِينَ (3) ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون |
فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ (4) اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي |
أَمْرًا مِّنْ عِندِنَا ۚ إِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ (5) (اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون |
رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ ۚ إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ (6) تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي |
رَبِّ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ (7) (جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو) |
لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْيِي وَيُمِيتُ ۖ رَبُّكُمْ وَرَبُّ آبَائِكُمُ الْأَوَّلِينَ (8) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي |
بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ يَلْعَبُونَ (9) بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن |
فَارْتَقِبْ يَوْمَ تَأْتِي السَّمَاءُ بِدُخَانٍ مُّبِينٍ (10) پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ |
يَغْشَى النَّاسَ ۖ هَٰذَا عَذَابٌ أَلِيمٌ (11) جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي |
رَّبَّنَا اكْشِفْ عَنَّا الْعَذَابَ إِنَّا مُؤْمِنُونَ (12) (پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا |
أَنَّىٰ لَهُمُ الذِّكْرَىٰ وَقَدْ جَاءَهُمْ رَسُولٌ مُّبِينٌ (13) کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو |
ثُمَّ تَوَلَّوْا عَنْهُ وَقَالُوا مُعَلَّمٌ مَّجْنُونٌ (14) وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي |
إِنَّا كَاشِفُو الْعَذَابِ قَلِيلًا ۚ إِنَّكُمْ عَائِدُونَ (15) بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو |
يَوْمَ نَبْطِشُ الْبَطْشَةَ الْكُبْرَىٰ إِنَّا مُنتَقِمُونَ (16) جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون |
۞ وَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَاءَهُمْ رَسُولٌ كَرِيمٌ (17) ۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو |
أَنْ أَدُّوا إِلَيَّ عِبَادَ اللَّهِ ۖ إِنِّي لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ (18) ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان |
وَأَن لَّا تَعْلُوا عَلَى اللَّهِ ۖ إِنِّي آتِيكُم بِسُلْطَانٍ مُّبِينٍ (19) ۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس |
وَإِنِّي عُذْتُ بِرَبِّي وَرَبِّكُمْ أَن تَرْجُمُونِ (20) ۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو |
وَإِن لَّمْ تُؤْمِنُوا لِي فَاعْتَزِلُونِ (21) ۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو |
فَدَعَا رَبَّهُ أَنَّ هَٰؤُلَاءِ قَوْمٌ مُّجْرِمُونَ (22) پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن |
فَأَسْرِ بِعِبَادِي لَيْلًا إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ (23) پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا |
وَاتْرُكِ الْبَحْرَ رَهْوًا ۖ إِنَّهُمْ جُندٌ مُّغْرَقُونَ (24) ۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن |
كَمْ تَرَكُوا مِن جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ (25) باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون |
وَزُرُوعٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ (26) ۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به) |
وَنَعْمَةٍ كَانُوا فِيهَا فَاكِهِينَ (27) ۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا |
كَذَٰلِكَ ۖ وَأَوْرَثْنَاهَا قَوْمًا آخَرِينَ (28) اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون |
فَمَا بَكَتْ عَلَيْهِمُ السَّمَاءُ وَالْأَرْضُ وَمَا كَانُوا مُنظَرِينَ (29) پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي |
وَلَقَدْ نَجَّيْنَا بَنِي إِسْرَائِيلَ مِنَ الْعَذَابِ الْمُهِينِ (30) ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون |
مِن فِرْعَوْنَ ۚ إِنَّهُ كَانَ عَالِيًا مِّنَ الْمُسْرِفِينَ (31) جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو |
وَلَقَدِ اخْتَرْنَاهُمْ عَلَىٰ عِلْمٍ عَلَى الْعَالَمِينَ (32) ۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون |
وَآتَيْنَاهُم مِّنَ الْآيَاتِ مَا فِيهِ بَلَاءٌ مُّبِينٌ (33) ۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي |
إِنَّ هَٰؤُلَاءِ لَيَقُولُونَ (34) بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن |
إِنْ هِيَ إِلَّا مَوْتَتُنَا الْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُنشَرِينَ (35) ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون |
فَأْتُوا بِآبَائِنَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ (36) جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو |
أَهُمْ خَيْرٌ أَمْ قَوْمُ تُبَّعٍ وَالَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ ۚ أَهْلَكْنَاهُمْ ۖ إِنَّهُمْ كَانُوا مُجْرِمِينَ (37) اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا |
وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَاعِبِينَ (38) ۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون |
مَا خَلَقْنَاهُمَا إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ (39) انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن |
إِنَّ يَوْمَ الْفَصْلِ مِيقَاتُهُمْ أَجْمَعِينَ (40) بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي |
يَوْمَ لَا يُغْنِي مَوْلًى عَن مَّوْلًى شَيْئًا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ (41) جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي |
إِلَّا مَن رَّحِمَ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ هُوَ الْعَزِيزُ الرَّحِيمُ (42) سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي |
إِنَّ شَجَرَتَ الزَّقُّومِ (43) بيشڪ ٿوھر جو وڻ |
طَعَامُ الْأَثِيمِ (44) گنھگار جو کاڄ آھي |
كَالْمُهْلِ يَغْلِي فِي الْبُطُونِ (45) پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو |
كَغَلْيِ الْحَمِيمِ (46) تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر |
خُذُوهُ فَاعْتِلُوهُ إِلَىٰ سَوَاءِ الْجَحِيمِ (47) (ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس |
ثُمَّ صُبُّوا فَوْقَ رَأْسِهِ مِنْ عَذَابِ الْحَمِيمِ (48) وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس) |
ذُقْ إِنَّكَ أَنتَ الْعَزِيزُ الْكَرِيمُ (49) (چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين |
إِنَّ هَٰذَا مَا كُنتُم بِهِ تَمْتَرُونَ (50) بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو |
إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي مَقَامٍ أَمِينٍ (51) بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا |
فِي جَنَّاتٍ وَعُيُونٍ (52) باغن ۽ تلاون ۾ |
يَلْبَسُونَ مِن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَقَابِلِينَ (53) سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا |
كَذَٰلِكَ وَزَوَّجْنَاهُم بِحُورٍ عِينٍ (54) (سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون |
يَدْعُونَ فِيهَا بِكُلِّ فَاكِهَةٍ آمِنِينَ (55) منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا |
لَا يَذُوقُونَ فِيهَا الْمَوْتَ إِلَّا الْمَوْتَةَ الْأُولَىٰ ۖ وَوَقَاهُمْ عَذَابَ الْجَحِيمِ (56) پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو |
فَضْلًا مِّن رَّبِّكَ ۚ ذَٰلِكَ هُوَ الْفَوْزُ الْعَظِيمُ (57) تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي |
فَإِنَّمَا يَسَّرْنَاهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ (58) قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن |
فَارْتَقِبْ إِنَّهُم مُّرْتَقِبُونَ (59) پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن |