إِذَا السَّمَاءُ انفَطَرَتْ (1) جڏھن آسمان ڦاٽندو |
وَإِذَا الْكَوَاكِبُ انتَثَرَتْ (2) ۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا |
وَإِذَا الْبِحَارُ فُجِّرَتْ (3) ۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا |
وَإِذَا الْقُبُورُ بُعْثِرَتْ (4) ۽ جڏھن قبرون پٽبيون |
عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ (5) (تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين |
يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ الْكَرِيمِ (6) اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟ |
الَّذِي خَلَقَكَ فَسَوَّاكَ فَعَدَلَكَ (7) جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين |
فِي أَيِّ صُورَةٍ مَّا شَاءَ رَكَّبَكَ (8) جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين |
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِالدِّينِ (9) ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو |
وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَافِظِينَ (10) ۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن |
كِرَامًا كَاتِبِينَ (11) سڳورا لکڻ وارا |
يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ (12) جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن |
إِنَّ الْأَبْرَارَ لَفِي نَعِيمٍ (13) بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا |
وَإِنَّ الْفُجَّارَ لَفِي جَحِيمٍ (14) ۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا |
يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ الدِّينِ (15) عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا |
وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَائِبِينَ (16) ۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا |
وَمَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ (17) ۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
ثُمَّ مَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الدِّينِ (18) وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟ |
يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْئًا ۖ وَالْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ (19) اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي |