وَالْمُرْسَلَاتِ عُرْفًا (1) چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي |
فَالْعَاصِفَاتِ عَصْفًا (2) پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي |
وَالنَّاشِرَاتِ نَشْرًا (3) ۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي |
فَالْفَارِقَاتِ فَرْقًا (4) پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي |
فَالْمُلْقِيَاتِ ذِكْرًا (5) پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي |
عُذْرًا أَوْ نُذْرًا (6) (جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن |
إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَاقِعٌ (7) ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي |
فَإِذَا النُّجُومُ طُمِسَتْ (8) پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا |
وَإِذَا السَّمَاءُ فُرِجَتْ (9) ۽ جڏھن آسمان چيربو |
وَإِذَا الْجِبَالُ نُسِفَتْ (10) ۽ جڏھن جبل اڏائبا |
وَإِذَا الرُّسُلُ أُقِّتَتْ (11) ۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا |
لِأَيِّ يَوْمٍ أُجِّلَتْ (12) (تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو |
لِيَوْمِ الْفَصْلِ (13) فيصلي جي ڏينھن لاءِ |
وَمَا أَدْرَاكَ مَا يَوْمُ الْفَصْلِ (14) ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (15) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
أَلَمْ نُهْلِكِ الْأَوَّلِينَ (16) پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟ |
ثُمَّ نُتْبِعُهُمُ الْآخِرِينَ (17) وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون |
كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِالْمُجْرِمِينَ (18) ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (19) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
أَلَمْ نَخْلُقكُّم مِّن مَّاءٍ مَّهِينٍ (20) اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟ |
فَجَعَلْنَاهُ فِي قَرَارٍ مَّكِينٍ (21) پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون |
إِلَىٰ قَدَرٍ مَّعْلُومٍ (22) ھڪ مُقرّر وقت تائين |
فَقَدَرْنَا فَنِعْمَ الْقَادِرُونَ (23) پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (24) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
أَلَمْ نَجْعَلِ الْأَرْضَ كِفَاتًا (25) زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟ |
أَحْيَاءً وَأَمْوَاتًا (26) (جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي) |
وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَاسِيَ شَامِخَاتٍ وَأَسْقَيْنَاكُم مَّاءً فُرَاتًا (27) ۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (28) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
انطَلِقُوا إِلَىٰ مَا كُنتُم بِهِ تُكَذِّبُونَ (29) (چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو |
انطَلِقُوا إِلَىٰ ظِلٍّ ذِي ثَلَاثِ شُعَبٍ (30) (چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو |
لَّا ظَلِيلٍ وَلَا يُغْنِي مِنَ اللَّهَبِ (31) نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي |
إِنَّهَا تَرْمِي بِشَرَرٍ كَالْقَصْرِ (32) بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي |
كَأَنَّهُ جِمَالَتٌ صُفْرٌ (33) ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (34) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
هَٰذَا يَوْمُ لَا يَنطِقُونَ (35) اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا |
وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُونَ (36) ۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (37) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
هَٰذَا يَوْمُ الْفَصْلِ ۖ جَمَعْنَاكُمْ وَالْأَوَّلِينَ (38) ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون |
فَإِن كَانَ لَكُمْ كَيْدٌ فَكِيدُونِ (39) پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (40) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
إِنَّ الْمُتَّقِينَ فِي ظِلَالٍ وَعُيُونٍ (41) بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا |
وَفَوَاكِهَ مِمَّا يَشْتَهُونَ (42) ۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا |
كُلُوا وَاشْرَبُوا هَنِيئًا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ (43) (چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو |
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِي الْمُحْسِنِينَ (44) بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (45) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
كُلُوا وَتَمَتَّعُوا قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجْرِمُونَ (46) (اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (47) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ارْكَعُوا لَا يَرْكَعُونَ (48) ۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن |
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ (49) اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي |
فَبِأَيِّ حَدِيثٍ بَعْدَهُ يُؤْمِنُونَ (50) پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا |