سَبِّحِ اسْمَ رَبِّكَ الْأَعْلَى (1) (اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر |
الَّذِي خَلَقَ فَسَوَّىٰ (2) جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين |
وَالَّذِي قَدَّرَ فَهَدَىٰ (3) ۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين |
وَالَّذِي أَخْرَجَ الْمَرْعَىٰ (4) ۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو |
فَجَعَلَهُ غُثَاءً أَحْوَىٰ (5) پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين |
سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰ (6) اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين |
إِلَّا مَا شَاءَ اللَّهُ ۚ إِنَّهُ يَعْلَمُ الْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ (7) مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به) |
وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَىٰ (8) ۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين |
فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ الذِّكْرَىٰ (9) پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر |
سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَىٰ (10) جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو |
وَيَتَجَنَّبُهَا الْأَشْقَى (11) ۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو |
الَّذِي يَصْلَى النَّارَ الْكُبْرَىٰ (12) جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو |
ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ (13) وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو |
قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّىٰ (14) بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو |
وَذَكَرَ اسْمَ رَبِّهِ فَصَلَّىٰ (15) ۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو |
بَلْ تُؤْثِرُونَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا (16) بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو |
وَالْآخِرَةُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰ (17) ۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي |
إِنَّ هَٰذَا لَفِي الصُّحُفِ الْأُولَىٰ (18) بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي |
صُحُفِ إِبْرَاهِيمَ وَمُوسَىٰ (19) جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن |