القرآن باللغة السندية - سورة البروج مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Buruj in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة البروج باللغة السندية - Sindhi, الآيات 22 - رقم السورة 85 - الصفحة 590.

| وَالسَّمَاءِ ذَاتِ الْبُرُوجِ (1) بُرجن واري آسمان جو قسم آھي | 
| وَالْيَوْمِ الْمَوْعُودِ (2) ۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي | 
| وَشَاهِدٍ وَمَشْهُودٍ (3) ۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي | 
| قُتِلَ أَصْحَابُ الْأُخْدُودِ (4) ته کاھين وارا ماريا وڃن | 
| النَّارِ ذَاتِ الْوَقُودِ (5) جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي | 
| إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌ (6) جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا | 
| وَهُمْ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ بِالْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌ (7) ۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا | 
| وَمَا نَقَمُوا مِنْهُمْ إِلَّا أَن يُؤْمِنُوا بِاللَّهِ الْعَزِيزِ الْحَمِيدِ (8) ۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو | 
| الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ شَهِيدٌ (9) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي | 
| إِنَّ الَّذِينَ فَتَنُوا الْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ الْحَرِيقِ (10) بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي | 
| إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ جَنَّاتٌ تَجْرِي مِن تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۚ ذَٰلِكَ الْفَوْزُ الْكَبِيرُ (11) بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي | 
| إِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ (12) بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي | 
| إِنَّهُ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيدُ (13) بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو | 
| وَهُوَ الْغَفُورُ الْوَدُودُ (14) ۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي | 
| ذُو الْعَرْشِ الْمَجِيدُ (15) (جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي | 
| فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ (16) جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي | 
| هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ الْجُنُودِ (17) تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟ | 
| فِرْعَوْنَ وَثَمُودَ (18) (يعني) فرعون ۽ ثمود جي | 
| بَلِ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي تَكْذِيبٍ (19) بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن | 
| وَاللَّهُ مِن وَرَائِهِم مُّحِيطٌ (20) ۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي | 
| بَلْ هُوَ قُرْآنٌ مَّجِيدٌ (21) بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي | 
| فِي لَوْحٍ مَّحْفُوظٍ (22) حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي |