القرآن باللغة السندية - سورة الواقعة مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Waqiah in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة الواقعة باللغة السندية - Sindhi, الآيات 96 - رقم السورة 56 - الصفحة 534.

| إِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُ (1) جڏھن قيامت ايندي |
| لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ (2) جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي |
| خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ (3) ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري |
| إِذَا رُجَّتِ الْأَرْضُ رَجًّا (4) جڏھن زمين سخت ڌوڏبي |
| وَبُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّا (5) ۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا |
| فَكَانَتْ هَبَاءً مُّنبَثًّا (6) پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا |
| وَكُنتُمْ أَزْوَاجًا ثَلَاثَةً (7) ۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ |
| فَأَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَيْمَنَةِ (8) پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا |
| وَأَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ مَا أَصْحَابُ الْمَشْأَمَةِ (9) ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟ |
| وَالسَّابِقُونَ السَّابِقُونَ (10) ۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا |
| أُولَٰئِكَ الْمُقَرَّبُونَ (11) اھي (ئي) مقرب آھن |
| فِي جَنَّاتِ النَّعِيمِ (12) نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا |
| ثُلَّةٌ مِّنَ الْأَوَّلِينَ (13) گھڻا پھرين مان |
| وَقَلِيلٌ مِّنَ الْآخِرِينَ (14) ۽ ٿورا پوين مان |
| عَلَىٰ سُرُرٍ مَّوْضُونَةٍ (15) (سون سان) اُڻيل تخت تي |
| مُّتَّكِئِينَ عَلَيْهَا مُتَقَابِلِينَ (16) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا |
| يَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَانٌ مُّخَلَّدُونَ (17) ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا |
| بِأَكْوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍ (18) آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن) |
| لَّا يُصَدَّعُونَ عَنْهَا وَلَا يُنزِفُونَ (19) (اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا |
| وَفَاكِهَةٍ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ (20) ۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن |
| وَلَحْمِ طَيْرٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ (21) ۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين |
| وَحُورٌ عِينٌ (22) ۽ وڏين اکين وارون حورون |
| كَأَمْثَالِ اللُّؤْلُؤِ الْمَكْنُونِ (23) (ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون |
| جَزَاءً بِمَا كَانُوا يَعْمَلُونَ (24) جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾ |
| لَا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا تَأْثِيمًا (25) اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا |
| إِلَّا قِيلًا سَلَامًا سَلَامًا (26) پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو |
| وَأَصْحَابُ الْيَمِينِ مَا أَصْحَابُ الْيَمِينِ (27) ۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا |
| فِي سِدْرٍ مَّخْضُودٍ (28) لاسڙين ٻيرين ۾ |
| وَطَلْحٍ مَّنضُودٍ (29) ۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾ |
| وَظِلٍّ مَّمْدُودٍ (30) ۽ ڊگھن پاڇن ۾ |
| وَمَاءٍ مَّسْكُوبٍ (31) ۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾ |
| وَفَاكِهَةٍ كَثِيرَةٍ (32) ۽ گھڻن ميون ۾ |
| لَّا مَقْطُوعَةٍ وَلَا مَمْنُوعَةٍ (33) نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا |
| وَفُرُشٍ مَّرْفُوعَةٍ (34) ۽ اُچا وڇاڻا |
| إِنَّا أَنشَأْنَاهُنَّ إِنشَاءً (35) بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي |
| فَجَعَلْنَاهُنَّ أَبْكَارًا (36) پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون |
| عُرُبًا أَتْرَابًا (37) مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون |
| لِّأَصْحَابِ الْيَمِينِ (38) سڄي پاسي وارن لاءِ |
| ثُلَّةٌ مِّنَ الْأَوَّلِينَ (39) گھڻي جماعت پھرين مان آھي |
| وَثُلَّةٌ مِّنَ الْآخِرِينَ (40) ۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي |
| وَأَصْحَابُ الشِّمَالِ مَا أَصْحَابُ الشِّمَالِ (41) ۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا |
| فِي سَمُومٍ وَحَمِيمٍ (42) ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا |
| وَظِلٍّ مِّن يَحْمُومٍ (43) ۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا |
| لَّا بَارِدٍ وَلَا كَرِيمٍ (44) جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ |
| إِنَّهُمْ كَانُوا قَبْلَ ذَٰلِكَ مُتْرَفِينَ (45) بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا |
| وَكَانُوا يُصِرُّونَ عَلَى الْحِنثِ الْعَظِيمِ (46) ۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا |
| وَكَانُوا يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَامًا أَإِنَّا لَمَبْعُوثُونَ (47) ۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟ |
| أَوَآبَاؤُنَا الْأَوَّلُونَ (48) يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا |
| قُلْ إِنَّ الْأَوَّلِينَ وَالْآخِرِينَ (49) (اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان |
| لَمَجْمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَاتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ (50) ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا |
| ثُمَّ إِنَّكُمْ أَيُّهَا الضَّالُّونَ الْمُكَذِّبُونَ (51) وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ |
| لَآكِلُونَ مِن شَجَرٍ مِّن زَقُّومٍ (52) ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ |
| فَمَالِئُونَ مِنْهَا الْبُطُونَ (53) پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ |
| فَشَارِبُونَ عَلَيْهِ مِنَ الْحَمِيمِ (54) پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ |
| فَشَارِبُونَ شُرْبَ الْهِيمِ (55) پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ |
| هَٰذَا نُزُلُهُمْ يَوْمَ الدِّينِ (56) قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي |
| نَحْنُ خَلَقْنَاكُمْ فَلَوْلَا تُصَدِّقُونَ (57) اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو |
| أَفَرَأَيْتُم مَّا تُمْنُونَ (58) ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو |
| أَأَنتُمْ تَخْلُقُونَهُ أَمْ نَحْنُ الْخَالِقُونَ (59) تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟ |
| نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ الْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ (60) اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون |
| عَلَىٰ أَن نُّبَدِّلَ أَمْثَالَكُمْ وَنُنشِئَكُمْ فِي مَا لَا تَعْلَمُونَ (61) ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو |
| وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ النَّشْأَةَ الْأُولَىٰ فَلَوْلَا تَذَكَّرُونَ (62) ۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟ |
| أَفَرَأَيْتُم مَّا تَحْرُثُونَ (63) ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو |
| أَأَنتُمْ تَزْرَعُونَهُ أَمْ نَحْنُ الزَّارِعُونَ (64) سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟ |
| لَوْ نَشَاءُ لَجَعَلْنَاهُ حُطَامًا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ (65) جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو |
| إِنَّا لَمُغْرَمُونَ (66) (۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون |
| بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ (67) بلڪ اسين بي نصيب آھيون |
| أَفَرَأَيْتُمُ الْمَاءَ الَّذِي تَشْرَبُونَ (68) ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو |
| أَأَنتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ الْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ الْمُنزِلُونَ (69) اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟ |
| لَوْ نَشَاءُ جَعَلْنَاهُ أُجَاجًا فَلَوْلَا تَشْكُرُونَ (70) جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟ |
| أَفَرَأَيْتُمُ النَّارَ الَّتِي تُورُونَ (71) ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو |
| أَأَنتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَا أَمْ نَحْنُ الْمُنشِئُونَ (72) تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون |
| نَحْنُ جَعَلْنَاهَا تَذْكِرَةً وَمَتَاعًا لِّلْمُقْوِينَ (73) اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي |
| فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ (74) تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر |
| ۞ فَلَا أُقْسِمُ بِمَوَاقِعِ النُّجُومِ (75) پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو |
| وَإِنَّهُ لَقَسَمٌ لَّوْ تَعْلَمُونَ عَظِيمٌ (76) ۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي |
| إِنَّهُ لَقُرْآنٌ كَرِيمٌ (77) بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي |
| فِي كِتَابٍ مَّكْنُونٍ (78) لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي |
| لَّا يَمَسُّهُ إِلَّا الْمُطَهَّرُونَ (79) پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي |
| تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ الْعَالَمِينَ (80) جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي |
| أَفَبِهَٰذَا الْحَدِيثِ أَنتُم مُّدْهِنُونَ (81) پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا |
| وَتَجْعَلُونَ رِزْقَكُمْ أَنَّكُمْ تُكَذِّبُونَ (82) ۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا |
| فَلَوْلَا إِذَا بَلَغَتِ الْحُلْقُومَ (83) پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي |
| وَأَنتُمْ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ (84) ۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو |
| وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنكُمْ وَلَٰكِن لَّا تُبْصِرُونَ (85) ۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو |
| فَلَوْلَا إِن كُنتُمْ غَيْرَ مَدِينِينَ (86) پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو |
| تَرْجِعُونَهَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ (87) ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو |
| فَأَمَّا إِن كَانَ مِنَ الْمُقَرَّبِينَ (88) پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو |
| فَرَوْحٌ وَرَيْحَانٌ وَجَنَّتُ نَعِيمٍ (89) ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي |
| وَأَمَّا إِن كَانَ مِنْ أَصْحَابِ الْيَمِينِ (90) ۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو |
| فَسَلَامٌ لَّكَ مِنْ أَصْحَابِ الْيَمِينِ (91) ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي |
| وَأَمَّا إِن كَانَ مِنَ الْمُكَذِّبِينَ الضَّالِّينَ (92) پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو |
| فَنُزُلٌ مِّنْ حَمِيمٍ (93) ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني |
| وَتَصْلِيَةُ جَحِيمٍ (94) ۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي |
| إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ حَقُّ الْيَقِينِ (95) بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي |
| فَسَبِّحْ بِاسْمِ رَبِّكَ الْعَظِيمِ (96) تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر |