القرآن باللغة السندية - سورة الغاشية مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Ghashiya in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة الغاشية باللغة السندية - Sindhi, الآيات 26 - رقم السورة 88 - الصفحة 592.

| هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ الْغَاشِيَةِ (1) (اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟ |
| وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ خَاشِعَةٌ (2) اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا |
| عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ (3) ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا |
| تَصْلَىٰ نَارًا حَامِيَةً (4) ٻرندڙ باھ ۾ پوندا |
| تُسْقَىٰ مِنْ عَيْنٍ آنِيَةٍ (5) بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن |
| لَّيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍ (6) ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو |
| لَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِي مِن جُوعٍ (7) (جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو |
| وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاعِمَةٌ (8) ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا |
| لِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ (9) پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا |
| فِي جَنَّةٍ عَالِيَةٍ (10) مٿاھين بھشت ۾ ھوندا |
| لَّا تَسْمَعُ فِيهَا لَاغِيَةً (11) اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين |
| فِيهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ (12) اُتي چشما وھندڙ آھن |
| فِيهَا سُرُرٌ مَّرْفُوعَةٌ (13) اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل |
| وَأَكْوَابٌ مَّوْضُوعَةٌ (14) ۽ آبخورا رکيل |
| وَنَمَارِقُ مَصْفُوفَةٌ (15) ۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل |
| وَزَرَابِيُّ مَبْثُوثَةٌ (16) ۽ غاليچا وڇايل آھن |
| أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى الْإِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ (17) (ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا |
| وَإِلَى السَّمَاءِ كَيْفَ رُفِعَتْ (18) ۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو |
| وَإِلَى الْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ (19) ۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا |
| وَإِلَى الْأَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ (20) ۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي |
| فَذَكِّرْ إِنَّمَا أَنتَ مُذَكِّرٌ (21) پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين |
| لَّسْتَ عَلَيْهِم بِمُصَيْطِرٍ (22) تون مٿن ڪو داروغو نه آھين |
| إِلَّا مَن تَوَلَّىٰ وَكَفَرَ (23) پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو |
| فَيُعَذِّبُهُ اللَّهُ الْعَذَابَ الْأَكْبَرَ (24) تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو |
| إِنَّ إِلَيْنَا إِيَابَهُمْ (25) بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي |
| ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا حِسَابَهُم (26) وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي |