×

سورة نوح باللغة السندية

ترجمات القرآنباللغة السندية ⬅ سورة نوح

ترجمة معاني سورة نوح باللغة السندية - Sindhi

القرآن باللغة السندية - سورة نوح مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Nuh in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة نوح باللغة السندية - Sindhi, الآيات 28 - رقم السورة 71 - الصفحة 570.

بسم الله الرحمن الرحيم

إِنَّا أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِ أَنْ أَنذِرْ قَوْمَكَ مِن قَبْلِ أَن يَأْتِيَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ (1)
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار
قَالَ يَا قَوْمِ إِنِّي لَكُمْ نَذِيرٌ مُّبِينٌ (2)
چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان
أَنِ اعْبُدُوا اللَّهَ وَاتَّقُوهُ وَأَطِيعُونِ (3)
ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو
يَغْفِرْ لَكُم مِّن ذُنُوبِكُمْ وَيُؤَخِّرْكُمْ إِلَىٰ أَجَلٍ مُّسَمًّى ۚ إِنَّ أَجَلَ اللَّهِ إِذَا جَاءَ لَا يُؤَخَّرُ ۖ لَوْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ (4)
ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو
قَالَ رَبِّ إِنِّي دَعَوْتُ قَوْمِي لَيْلًا وَنَهَارًا (5)
(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس
فَلَمْ يَزِدْهُمْ دُعَائِي إِلَّا فِرَارًا (6)
پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو
وَإِنِّي كُلَّمَا دَعَوْتُهُمْ لِتَغْفِرَ لَهُمْ جَعَلُوا أَصَابِعَهُمْ فِي آذَانِهِمْ وَاسْتَغْشَوْا ثِيَابَهُمْ وَأَصَرُّوا وَاسْتَكْبَرُوا اسْتِكْبَارًا (7)
۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون
ثُمَّ إِنِّي دَعَوْتُهُمْ جِهَارًا (8)
وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو
ثُمَّ إِنِّي أَعْلَنتُ لَهُمْ وَأَسْرَرْتُ لَهُمْ إِسْرَارًا (9)
وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم
فَقُلْتُ اسْتَغْفِرُوا رَبَّكُمْ إِنَّهُ كَانَ غَفَّارًا (10)
پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي
يُرْسِلِ السَّمَاءَ عَلَيْكُم مِّدْرَارًا (11)
ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي
وَيُمْدِدْكُم بِأَمْوَالٍ وَبَنِينَ وَيَجْعَل لَّكُمْ جَنَّاتٍ وَيَجْعَل لَّكُمْ أَنْهَارًا (12)
۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي
مَّا لَكُمْ لَا تَرْجُونَ لِلَّهِ وَقَارًا (13)
اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو
وَقَدْ خَلَقَكُمْ أَطْوَارًا (14)
حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين
أَلَمْ تَرَوْا كَيْفَ خَلَقَ اللَّهُ سَبْعَ سَمَاوَاتٍ طِبَاقًا (15)
نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو
وَجَعَلَ الْقَمَرَ فِيهِنَّ نُورًا وَجَعَلَ الشَّمْسَ سِرَاجًا (16)
۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين
وَاللَّهُ أَنبَتَكُم مِّنَ الْأَرْضِ نَبَاتًا (17)
۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو
ثُمَّ يُعِيدُكُمْ فِيهَا وَيُخْرِجُكُمْ إِخْرَاجًا (18)
وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو
وَاللَّهُ جَعَلَ لَكُمُ الْأَرْضَ بِسَاطًا (19)
۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو
لِّتَسْلُكُوا مِنْهَا سُبُلًا فِجَاجًا (20)
ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو
قَالَ نُوحٌ رَّبِّ إِنَّهُمْ عَصَوْنِي وَاتَّبَعُوا مَن لَّمْ يَزِدْهُ مَالُهُ وَوَلَدُهُ إِلَّا خَسَارًا (21)
نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو
وَمَكَرُوا مَكْرًا كُبَّارًا (22)
۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو
وَقَالُوا لَا تَذَرُنَّ آلِهَتَكُمْ وَلَا تَذَرُنَّ وَدًّا وَلَا سُوَاعًا وَلَا يَغُوثَ وَيَعُوقَ وَنَسْرًا (23)
۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو
وَقَدْ أَضَلُّوا كَثِيرًا ۖ وَلَا تَزِدِ الظَّالِمِينَ إِلَّا ضَلَالًا (24)
۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي
مِّمَّا خَطِيئَاتِهِمْ أُغْرِقُوا فَأُدْخِلُوا نَارًا فَلَمْ يَجِدُوا لَهُم مِّن دُونِ اللَّهِ أَنصَارًا (25)
انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون
وَقَالَ نُوحٌ رَّبِّ لَا تَذَرْ عَلَى الْأَرْضِ مِنَ الْكَافِرِينَ دَيَّارًا (26)
۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ
إِنَّكَ إِن تَذَرْهُمْ يُضِلُّوا عِبَادَكَ وَلَا يَلِدُوا إِلَّا فَاجِرًا كَفَّارًا (27)
بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا
رَّبِّ اغْفِرْ لِي وَلِوَالِدَيَّ وَلِمَن دَخَلَ بَيْتِيَ مُؤْمِنًا وَلِلْمُؤْمِنِينَ وَالْمُؤْمِنَاتِ وَلَا تَزِدِ الظَّالِمِينَ إِلَّا تَبَارًا (28)
اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي
❮ السورة السابقة السورة التـالية ❯

قراءة المزيد من سور القرآن الكريم :

1- الفاتحة2- البقرة3- آل عمران
4- النساء5- المائدة6- الأنعام
7- الأعراف8- الأنفال9- التوبة
10- يونس11- هود12- يوسف
13- الرعد14- إبراهيم15- الحجر
16- النحل17- الإسراء18- الكهف
19- مريم20- طه21- الأنبياء
22- الحج23- المؤمنون24- النور
25- الفرقان26- الشعراء27- النمل
28- القصص29- العنكبوت30- الروم
31- لقمان32- السجدة33- الأحزاب
34- سبأ35- فاطر36- يس
37- الصافات38- ص39- الزمر
40- غافر41- فصلت42- الشورى
43- الزخرف44- الدخان45- الجاثية
46- الأحقاف47- محمد48- الفتح
49- الحجرات50- ق51- الذاريات
52- الطور53- النجم54- القمر
55- الرحمن56- الواقعة57- الحديد
58- المجادلة59- الحشر60- الممتحنة
61- الصف62- الجمعة63- المنافقون
64- التغابن65- الطلاق66- التحريم
67- الملك68- القلم69- الحاقة
70- المعارج71- نوح72- الجن
73- المزمل74- المدثر75- القيامة
76- الإنسان77- المرسلات78- النبأ
79- النازعات80- عبس81- التكوير
82- الإنفطار83- المطففين84- الانشقاق
85- البروج86- الطارق87- الأعلى
88- الغاشية89- الفجر90- البلد
91- الشمس92- الليل93- الضحى
94- الشرح95- التين96- العلق
97- القدر98- البينة99- الزلزلة
100- العاديات101- القارعة102- التكاثر
103- العصر104- الهمزة105- الفيل
106- قريش107- الماعون108- الكوثر
109- الكافرون110- النصر111- المسد
112- الإخلاص113- الفلق114- الناس