| إِذَا السَّمَاءُ انشَقَّتْ (1) جڏھن آسمان ڦاٽندو
 | 
| وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ (2) ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
 | 
| وَإِذَا الْأَرْضُ مُدَّتْ (3) ۽ جڏھن زمين پکيڙبي
 | 
| وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ (4) ۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي
 | 
| وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ (5) ۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس
 | 
| يَا أَيُّهَا الْإِنسَانُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَاقِيهِ (6) اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين
 | 
| فَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ بِيَمِينِهِ (7) پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو
 | 
| فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا (8) تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو
 | 
| وَيَنقَلِبُ إِلَىٰ أَهْلِهِ مَسْرُورًا (9) ۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو
 | 
| وَأَمَّا مَنْ أُوتِيَ كِتَابَهُ وَرَاءَ ظَهْرِهِ (10) ۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو
 | 
| فَسَوْفَ يَدْعُو ثُبُورًا (11) سو سگھوئي موت کي سڏيندو
 | 
| وَيَصْلَىٰ سَعِيرًا (12) ۽ دوزخ ۾ گھڙندو
 | 
| إِنَّهُ كَانَ فِي أَهْلِهِ مَسْرُورًا (13) ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو
 | 
| إِنَّهُ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ (14) بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو
 | 
| بَلَىٰ إِنَّ رَبَّهُ كَانَ بِهِ بَصِيرًا (15) ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي
 | 
| فَلَا أُقْسِمُ بِالشَّفَقِ (16) پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو
 | 
| وَاللَّيْلِ وَمَا وَسَقَ (17) ۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس
 | 
| وَالْقَمَرِ إِذَا اتَّسَقَ (18) ۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي
 | 
| لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ (19) ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ
 | 
| فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ (20) پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن
 | 
| وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ الْقُرْآنُ لَا يَسْجُدُونَ ۩ (21) ۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن
 | 
| بَلِ الَّذِينَ كَفَرُوا يُكَذِّبُونَ (22) بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن
 | 
| وَاللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ (23) ۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي
 | 
| فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ (24) پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي
 | 
| إِلَّا الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ (25) پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي
 |