القرآن باللغة السندية - سورة الشرح مترجمة إلى اللغة السندية، Surah Sharh in Sindhi. نوفر ترجمة دقيقة سورة الشرح باللغة السندية - Sindhi, الآيات 8 - رقم السورة 94 - الصفحة 596.

| أَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَ (1) (اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟ | 
| وَوَضَعْنَا عَنكَ وِزْرَكَ (2) ۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون | 
| الَّذِي أَنقَضَ ظَهْرَكَ (3) جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو | 
| وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ (4) ۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون | 
| فَإِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا (5) ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي | 
| إِنَّ مَعَ الْعُسْرِ يُسْرًا (6) بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي | 
| فَإِذَا فَرَغْتَ فَانصَبْ (7) تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر | 
| وَإِلَىٰ رَبِّكَ فَارْغَب (8) ۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ |