| وَالنَّازِعَاتِ غَرْقًا (1) اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي
 | 
| وَالنَّاشِطَاتِ نَشْطًا (2) ۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي
 | 
| وَالسَّابِحَاتِ سَبْحًا (3) ۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي
 | 
| فَالسَّابِقَاتِ سَبْقًا (4) پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي
 | 
| فَالْمُدَبِّرَاتِ أَمْرًا (5) پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي
 | 
| يَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُ (6) ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي
 | 
| تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُ (7) ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو
 | 
| قُلُوبٌ يَوْمَئِذٍ وَاجِفَةٌ (8) تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون
 | 
| أَبْصَارُهَا خَاشِعَةٌ (9) انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون
 | 
| يَقُولُونَ أَإِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِي الْحَافِرَةِ (10) چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
 | 
| أَإِذَا كُنَّا عِظَامًا نَّخِرَةً (11) ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
 | 
| قَالُوا تِلْكَ إِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ (12) چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي
 | 
| فَإِنَّمَا هِيَ زَجْرَةٌ وَاحِدَةٌ (13) پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي
 | 
| فَإِذَا هُم بِالسَّاهِرَةِ (14) پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا
 | 
| هَلْ أَتَاكَ حَدِيثُ مُوسَىٰ (15) (اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
 | 
| إِذْ نَادَاهُ رَبُّهُ بِالْوَادِ الْمُقَدَّسِ طُوًى (16) جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو
 | 
| اذْهَبْ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُ طَغَىٰ (17) ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي
 | 
| فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَىٰ أَن تَزَكَّىٰ (18) پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
 | 
| وَأَهْدِيَكَ إِلَىٰ رَبِّكَ فَتَخْشَىٰ (19) ۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين
 | 
| فَأَرَاهُ الْآيَةَ الْكُبْرَىٰ (20) پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين
 | 
| فَكَذَّبَ وَعَصَىٰ (21) پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين
 | 
| ثُمَّ أَدْبَرَ يَسْعَىٰ (22) وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو
 | 
| فَحَشَرَ فَنَادَىٰ (23) پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين
 | 
| فَقَالَ أَنَا رَبُّكُمُ الْأَعْلَىٰ (24) پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان
 | 
| فَأَخَذَهُ اللَّهُ نَكَالَ الْآخِرَةِ وَالْأُولَىٰ (25) پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو
 | 
| إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّمَن يَخْشَىٰ (26) بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي
 | 
| أَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ السَّمَاءُ ۚ بَنَاهَا (27) ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
 | 
| رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوَّاهَا (28) اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين
 | 
| وَأَغْطَشَ لَيْلَهَا وَأَخْرَجَ ضُحَاهَا (29) ۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين
 | 
| وَالْأَرْضَ بَعْدَ ذَٰلِكَ دَحَاهَا (30) ۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين
 | 
| أَخْرَجَ مِنْهَا مَاءَهَا وَمَرْعَاهَا (31) اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين
 | 
| وَالْجِبَالَ أَرْسَاهَا (32) ۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين
 | 
| مَتَاعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَامِكُمْ (33) اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ
 | 
| فَإِذَا جَاءَتِ الطَّامَّةُ الْكُبْرَىٰ (34) پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو
 | 
| يَوْمَ يَتَذَكَّرُ الْإِنسَانُ مَا سَعَىٰ (35) اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين
 | 
| وَبُرِّزَتِ الْجَحِيمُ لِمَن يَرَىٰ (36) ۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو
 | 
| فَأَمَّا مَن طَغَىٰ (37) پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو
 | 
| وَآثَرَ الْحَيَاةَ الدُّنْيَا (38) ۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين
 | 
| فَإِنَّ الْجَحِيمَ هِيَ الْمَأْوَىٰ (39) تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي
 | 
| وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِ وَنَهَى النَّفْسَ عَنِ الْهَوَىٰ (40) ۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين
 | 
| فَإِنَّ الْجَنَّةَ هِيَ الْمَأْوَىٰ (41) پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي
 | 
| يَسْأَلُونَكَ عَنِ السَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَاهَا (42) (اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
 | 
| فِيمَ أَنتَ مِن ذِكْرَاهَا (43) (اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
 | 
| إِلَىٰ رَبِّكَ مُنتَهَاهَا (44) اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي
 | 
| إِنَّمَا أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخْشَاهَا (45) جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين
 | 
| كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوا إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَاهَا (46) جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا
 |